لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻو شھري اتحاد طرفان شھر جي سچل ڪالونيءَ ۾ واقع پاڪستان بيت المال سوئيٽ هوم ۾ زبردست ايڪتا ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سوئيٽ هوم جي يتيم ٻارڙن، اسٽاف توڙي لاڙڪاڻو شهري اتحاد جي اڳواڻن ۽ مهمانن اجرڪ ٽوپيون ۽ سنڌي ويس وڳا پھري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ٻارڙن حسنين چانڊيو، حسن چانڊيو، ابراهيم ملڪ، شڪيل جتوئي، الھه ڏنو سانگي ۽ رياض شر طرفان ويلڪم ٽيبلو پيش ڪري مهمانن جي آجيان ڪئي وئي. تقريب ۾ نينگرين زينب، رفعت، مائره، نور فاطمه، ڪنيز فاطمه، ثمينه ۽ ٻين “عمر مارئي” ٽيبلو پيش ڪري تمام گهڻي پذيرائي ۽ داد وصول ڪيو، معصوم ٻارڙن عدنان ٿيٻو، محمد صادق ميمڻ، شاهزيب ملڪ، فرحان علي لولائي، ابراهيم کهڙو، يونس ابڙو ۽ ٻين سنڌي قومي گيت “آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي” تي ٽيبلو پيش ڪيو. علي عباس سومرو، عرفان چانڊيو، علي رضا شاھ، حسين شاھ، نعمان کهڙو، ماجد بروهي، فرحان ڪلھوڙو، محبوب کهڙو ۽ ٻين ٻارڙن به ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب ۾ ڊانسر برڪت علي بروهي سنڌي ۽ بلوچي گيتن تي ڊانس ڪري داد ماڻيو. نامور مزاحيه فنڪار جمن ڀنڊ لطيفا، ٽوٽڪا ۽ مزاحيه شاعري ٻڌائي پنڊال ۾ ويٺلن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ناليوارن راڳين شيراز عباسي ۽ سڪندر سرگاڻي سرن جي ورکا ڪري پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.