لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سيپڪو سرڪل جي سپريٽيڊنگ انجنيئر بجلي چوري ۾ ملوث، بجلي چوري تي ضابطو نه آڻڻ توڙي سندن فيڊرن ۾ وڏي تعداد ۾ غيرقانوني بجلي جا ڪنڊا ڪنيڪشن هلڻ ۽ گهٽ اوڳاڙي جي ڪري لائن لائسز تي ٽن لائين مين ۽ ٽن اسسٽنٽ لائين مين کي معطل ڪري سيپڪو هيڊڪوارٽر سکر رليو ڪري ڇڏيو آهي. سيپڪو سرڪل لاڙڪاڻو جي سپريٽيڊنگ انجنيئر شاهه محمد باجڪاڻي طرفان جاري ڪيل آرڊر موجب معطل ۽ رليو ڪيل سيپڪو آفيسرن ۾ 11 ڪي وي الهه آباد آپريشن سب ڊويزن جناح باغ جو لائين مين علي گوهر گاد، 11 ڪي وي اولڊ نظر فيڊر آپريشن سب ڊويزن چانڊڪا جو لائين مين محمد ياسين لاشاري، 11 ڪي وي پي ٽي ايس ۽ جانل فيڊرس آپريشن شب ڊويزن شيخ زيد جو لائين مين غلام دستگير ابڙو، اسسٽنٽ لائين مين اسد علي ابڙو، آپريشن سب ڊويزن ايمپائر روڊ جو لائين مين عزيز الرحمان چنو ۽ نويد احمد جتوئي شامل آهن جن کي بجلي چوري ۾ ملوث، بجلي چوري تي ضابطو نه آڻڻ توڙي سندن فيڊرن ۾ وڏي تعداد ۾ غيرقانوني بجلي جا ڪنڊا ڪنيڪشن هلڻ ۽ گهٽ اوڳاڙي جي ڪري لائن لائسز تي معطل ڪري سيپڪو هيڊڪوارٽر سکر رليو ڪيو ويو.