لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد سونهارو جسڪاڻي طرفان رٽائرمينٽ نه ملڻ تان پاڻ مٿان پئٽرول هاري خودڪشي ڪندڙ رتوديرو واسي پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو واري معاملي جي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۽ ڊي ايس پي ڪمپلين سيل مرتضيٰ عباسي جي نگرانيءَ ۾ ڊپارٽمينٽل انڪوائري ۾ ملوث قرار ڏنل شيٽ برانچ جي ڪلارڪ محمد نواز مگسي ۽ پينشن برانچ جي ڪلارڪ محسن علي سولنگي کي نوڪرين تان برطرف ڪري ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي حڪم ڏنو آهي ته ٻنهي ڪلارڪن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي شيٽ برانچ جي ڪلارڪ محمد نواز مگسي کي شڪار پور، ڪلارڪ محسن علي سولنگي کي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي بدر ڪري ڇڏيو هو.