لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد شيخ محلي ۾ قائم خانگي اسڪول ۾ پرنسپال پاران 4 ورهين جي عثمان پٽ آصف علي ميراڻي سان بدفعلي واري اطلاع تي حد جي پوليس پهچي پرنسپال محمد حسن ڀيو کي گرفتار ڪري ٻالڪ جي والد آصف علي ميراڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان مارڪيٽ پوليس ٻڌايو ته ٻالڪ جي والد جي فرياد تي ٻن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري اسڪول جي پرنسپال محمد حسن ڀيو کي گرفتار ڪيو آهي، ڪيس ۾ شامل اسڪول جي پٽيوالي عبدالجبار شيخ جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، پوليس موجب ٻالڪ ۽ گرفتار جوابدار جي ميڊيڪل ڪرائي ويندي.