لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا چئن سالن جو ٻارڙو فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن ۽ عملي تي غفلت جو الزام، احتجاج، خبر موجب شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف سبب ميروخان چوڪ واسي 4 ورهين جي نور محمد پٽ فريد ابڙو کي آندو ويو، جتي ٻارڙو فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان علاج ۾ غفلت ڪرڻ جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي فريد احمد ابڙو ٻڌايو ته پٽ ساهه جي تڪليف ۾ هو، جنهن کي اسان گذريل رات اسپتال داخل ڪرايو، هن الزام لڳايو ته پٽ کي اسپتال داخل ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن ۽ عملي کيس علاج نه ڪيو، جنهن ڪري فوت ٿي ويو، هن مطالبو ڪيو ته غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.