لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ 25 ورهين جو نشي جو عادي علاج دوران فوت ٿي ويو، سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌي انتظاميه لاش کي لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيو، تفصيل موجب ريسڪيو عملي طرفان ٻه ڏينهن اڳ 25 ورهين جي نشي جي عادي نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو هو جيڪو ڪالهه علاج دوران فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد سول لائين پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته نوجوان نشي جو عادي هو، وارثن جو پتو نه پوڻ تي لاش ايڌي سينٽر حوالي ڪيو آهي، بعد ۾ ايڌي انتظاميا لاش لاوارث ڄاڻائي دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.