لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي پرائمري اسڪول ۾ استاد جي شاگردياڻي سان مبينا غير اخلاقي حرڪت، ڊي اي او استاد کي معطل ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب شهر جي گورنمينٽ پي وي سنڌي پرائمري اسڪول ٽيچر اياز تونيو هلندڙ ڪلاس دوران ٻئي درجي جي شاگردياڻي سان مبينا غير اخلاقي حرڪت ڪئي هئي، معاملي جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري انيس الرحمان جلباڻي نوٽيس وٺندي شاگردياڻي سان غيراخلاقي حرڪت ڪندڙ پرائمري اسڪول ٽيچر کي معطل ڪري ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر ياسر  لياقت ڏهر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته 30 آگسٽ تي شاگردياڻي جي والدين شڪايت ڪئي ته انهن جي نياڻي سان استاد غير اخلاقي حرڪت ڪئي آهي، اهڙي حرڪت جو نشان ملڻ تي ساڳي ئي ڏينهن تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر استاد کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته شاگردياڻي جي والدين پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ لاءِ چيو آهي، ان جي ڪري سندن سڃاڻپ ظاهر نه ٿا ڪري سگهون، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ٻڌايو ته معاملي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ پير محمد شاهه، علي مظفر لاهوري شامل آهن، ڪاميٽي مختلف رخن کان جاچ ڪري هفتي اندر رپورٽ جمع ڪرائيندي، ان جي آڌار تي وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.