لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو طرفان پهريون لاڙڪاڻو ادبي فيسٽيول ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. ادبي فيسٽيول ۾ منجهند ڌاري ناليواري صوفي شاعر رکيل شاهه بابت ناليواري دانشور ۽ شاعر مور مغيري جو لکيل تحقيقي ڪتاب “سيد رکيل شاهه جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو” جي مهورتي تقريب سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين احسان دانش جي صدارت هيٺ ڪوٺائي وئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي محقق ۽ ليکڪ احسان دانش چيو ته صوفي شاعر رکيل شاهه نه صرف ڪافي جو وڏو شاعر آهي پر هن غزل، نظم، نعت، حمد، منقبت، قصيدو سميت شاعري جي ٻين صنفن ۾ 5 ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي سندس شاعري ۾ تصوف سان گڏ ڪيترائي انڊلٺي رنگ نظر اچن ٿا. مهورتي تقريب ۾ پروفيسر فياض لطيف، مشتاق بخاري، پروفيسر ذاڪر حسين مانڊڻ، امام راشدي، مور مغيري، عبدالهادي ٺولهياڻي، اختر پيا، عبدالنبي ساريو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻي ويهڪ ۾ “جديد سنڌي افسانوي ادب (ڪهاڻي، ناول ۽ ڊرامو)” جي موضوع تي ناليواري ڊرامه نگار ۽ ڪهاڻيڪار سڪندر عباسي ڳالهائيندي چيو ته موجوده دور ۾ جيڪو ڪجهه لکيو وڃي ٿو ۽ پيش ڪيو وڃي ٿو اهو ڊرامي جي نالي ۾ مذاق آهي، اڄ جي ڊرامن ۾ نه ئي ڪهاڻي آهي ۽ نه ئي فڪشن آهي ان کي ڊرامو نه ٿو چئي سگهجي. اڄ جو ليکڪ بيوس بڻيل آهي. ان کان اُهو ڪجهه لکرايو وڃي ٿو جيڪو هو لکڻ ئي نه ٿو چاهي. ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار جهانگير عباسي چيو ته اسان وٽ نه سنڌي ڊراما نگار آهي ۽ نه اردو ڊراما نگار آزاد آهي جيڪي ڊراما ٺهن ٿا پر ڪمپنين جي گهرج موجب اُهي وڪرو ٿين ٿا. ليکڪ جاويد پنهور چيو ته موجوده سنڌي ڊرامي ۾ ڪا به جدت ناهي، ٽئين ويهڪ “جديد سنڌي شاعري، فڪر، موضوعاتي پسمنظر ۽ سماجي ڪارج” جي موضوع تي ٿي جنهن ۾ ڳالهائيندي شاعر، دانشور ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ چيو ته مان سمجهان ٿو ته شاعرن کي پابند نه ٿو ڪري سگهجي، سماج جا جيڪي مسئلا آهن انهن تي به ضرور لکي پر هاڻي شاعر جو مبلغ طور ڪردار ناهي رهيو جيئن اڳي شاعر ۽ اديب احتجاج لاءِ روڊن رستن تي ايندا هئا. ادبي ميلي “لاڙڪاڻي جا تاريخي ماڳ، مڪان، ترقي ۽ حل” ۽ “تحقيق ۽ تنقيد، معيار، مسئلا ۽ تجويزن” جي موضوع تي ٻه ٻه الڳ ويهڪون ٿيون جن ۾ محقق ۽ ليکڪ پروفيسر رضوان گل، محقق ۽ تاريخدان جيئل اوڏ، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين ناليواري محقق ۽ ليکڪ احسان دانش، فياض لطيف، رياضت ٻرڙو ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا. ادبي ميلي جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي سگهڙ ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ناليوارن سگهڙن محمد صالح عباسي، علي گل گاڏهي، ممتاز عباسي، غلام رسول مڱريو، غلام رسول شيخ، ارشاد عرضائي، محمد حسن ماڇي، غلام شبير عباسي، محمد يوسف ڀٽي ۽ ٻين سگهڙن پنھنجي جو مظاهرو ڪري ڏور، ڳجهارت، ڏٺ، پرولي، ڏهس، سينگار، گفتا، بيت ۽ ٻي لوڪ شاعري پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي.