لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  سنڌ آبادگار بورڊ لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر عرفان علي جتوئي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن ميمبر زوهيب رحمان شيخ، قمبر شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري جنيد احمد جروار، انفارميشن سيڪريٽري ذوالفقار علي جمالي ۽ تعلقي شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري ڪجلو خان مغيري سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  ڪڻڪ پوري ملڪ جي ضرورت آهي، هن وقت آبادگار ڪڻڪ جو فصل ڪري رهيا آهن، 6 جنوري تي ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي ڏيڻ بند ٿي ويندو ان دوران ڪڻڪ جي فصل لاءِ ڊي اي پي ڀاڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته هن سال آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ 12 هزار 700 روپين واري ٻوري ساڍا 14 هزار کان 15 هزار روپين ۾ ٻوري ملي نتيجي ۾ صرف 50 سيڪڙو آبادگارن ڊي اي پي ڀاڻ جو استعمال ڪيو ۽ 50 سيڪڙو آبادگارن وٽ مهانگائي اگهه تي ڊي اي پي ڀاڻ خريد ڪرڻ جي سگهه نه هئي جنهن ڪري انهن آبادگارن بغير ڊي اي پي جي ڪڻڪ جي فصل جي پوک ڪئي ان سان ڪڻڪ جي پيدوار تي فرق پوندو. هن چيو ته اسان 25 آڪٽوبر تي سکر ۾ نگران وڏي وزير ۽ 15 ڏينهن بعد حيدرآباد ۾ سيڪريٽري زراعت سان گڏجاڻي ڪري شڪايتون ڪيون، ان نوٽيس وٺندي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ڪاميٽيون جوڙيون جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ايگريڪلچر ايڪسٽيشن ۽ ايگريڪلچر ريسرچ جا آفيسر توڙي سنڌ آبادگار بورڊ جا به اڳواڻ شامل آهن جيڪي ٽيمون ٺهڻ، سيڪريٽري زراعت جي نوٽيس وٺڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي خط اماڻڻ باوجود ڪو تدارڪ نه ٿيو، هن چيو ته سنڌ آبادگار بورڊ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي جنهن جي ٻڌڻي 10 جنوري تي ٿيندي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀاڻ نه مليو ته 25 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ، لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميه ۽ ڀاڻ ڪمپنين خلاف ڌرڻو هنيو ويندو.