ڪراچي (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثر گواريا برادري طرفان واهر نه ٿيڻ خلاف راجيش ڪمار، وزير، گلاب، وجي، پھلاچ، سروڻ احتجاج ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي رتوديرو روڊ تي جهوپڙين ۾ رهون ٿا، راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ طرفان سجاد سومرو، ڏتل ابڙو، مير محمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ٻئي طرف بهرام ۾ قمبرشھدادڪوٽ روڊ ۽ ريلوي بند تي کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن ارباب خاصخيلي، غلام نبي ماڇي، نوريز شھبيگ، بينظير ماڇي، رشيده جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.ٻئي پاسي لعلورائنڪ ۾ ڳوٺ پِيروُ جج جي رهواسين منظور چانڊيو، عمران چانڊيو، مير محمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ يوسي چيئرمين حبيب بليدي پاران من پسند ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ خلاف لاڙڪاڻو وارھ روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو. ٻي پاسي يوسي چيئرمين پنهجي اخبار کي ٻڌايو ته 18ڪٽا راشن جا ڳوٺاڻن کي ڏنا آهن.جيڪب آباد جي يوسي بقاپور جي ديهه عمراڻي پور جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سرڪار پاران واهر نه ڪرڻ خلاف احسان عمراڻي، حسين بخش گولو، هادي بخش لاشاري جي اڳواڻي ۾ سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه تي ٻگهيا پُل وٽ ڌرڻو هنيو. ڪنڌڪوٽ ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن واليڏنو سنڌي، شاھنواز مرھيٽو، حفيظ مگسي، قمرکوسو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.باقراڻي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڏاتو سھڙو، شير محمد سھڙو، مولوي الله بخش کوھارو، رمضان سھڙو ، جھنڊو سھڙو ۽ ٻين ڳوٺن جي سوين برسات متاثر ڳوٺاڻن، جمعيّت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن ۽ آل سنڌ سھڙو ايسوسيئيشن جي ڏنل سڏ تي قائد عوام يونيورسٽي ڀرسان لاڙڪاڻو موهن دڙو روڊ تي ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.هوڏانهن جمعيت علماءِ اسلام لاڙڪاڻو جو جنرل سيڪريٽري محبت کھڙو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ۽ مظاھرين ۽ انتظاميا سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب گهر ڊهي پيا، روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهيون، ڪير به سار لهڻ وارو ناهي، عورتون ۽ ٻار بيماري ۽ بک وگهي مري رهيا آهن.هنن جو چوڻ هو ته ڳوٺن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري روڊن تي دربدر آهيون.