ملڪاڻي شريف (رپورٽ: وشال ريٻاري ) هفتي کان هلندڙ مٽي جي تيز طوفان لاڙ جي بئراجي پٽي جي ملڪاڻي شريف، سمن سرڪار، پتافي ٽيل، سانگي فراهو، روشن آباد ۽ ٻين علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي ، مٽي جي تيز طوفان تازي پوکيل فصل کي لٽي ساڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ باغن ۾ بيٺل انب به ڇڻي پٽ پئجي ويا، ، آبادگار پريشاني ۾ ورتل آهن، تيز طوفاني هوائن جي لڳڻ سبب زراعت کي نقصان ٿيڻ سان گڏ ڪاروباري زندگي به مفلوج بڻجي وئي آهي، ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، شهرن ۾ ويراني واڪا ڪرڻ لڳي آهي، سڄو ڏينهن دڪاندار گراهڪن جو انتظار ڪري خالي هٿين مايوس گهر موٽڻ تي مجبور آهن، تيز هوائن سبب اڪثر ڪري بجلي به غائب آهي، جنهن ڪري هوٽلن ۽ ٿڌين شين جي دڪانن جو ڪاروبار به تباھ تيڻ لڳو آهي، بجلي جي نه اچڻ سبب گهرن هوٽلن بازارن ۾ پاڻي جي سپلائي نه ٿيڻ ڪري پئيڻ جي پاڻي جي به کوٽ ٿيڻ لڳي آهي، فلورملن تي اٽو به اڻلڀ ٿي ويو آهي، پورهيت طبقو به فاقاڪشي جو شڪار ٿيڻ لڳو آهي،  ويلا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته گرمي گرم تيز مٽي جي هوائن لڳڻ سبب مختلف بيمارين ۾ به واڌارو ٿيو آهي ڪيترائي علائقي واسي دستن پيٽ جي بيمارين خارش گلي جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن.