لاوارث نسل

0
347

مان ڪافي عرصي کان سوچي رهيو هيس  ته هن نسل  تي لکان، هي ڪير آهن،  ڪٿان آيا آهن؟ هنن کي ڀٽڪندو رهڻ لاءِ ڇو ڇڏيو ويو آهي؟ هي سماج کي ڪهڙو هاڃو  رسائيندا؟ هنن جي اندر ۾ آڙاهه ٻرندي ڏسندي رهيو آهيان، هنن اندر ٻرندڙ جبل واري گيس  ڀرجي چڪي آهي  جيڪا ڪهڙي  به وقت ڦاٽي سگهي ٿي.  هي جي ڦاٽي پيا ته هن سماج جو ڇا ٿيندو؟ مان سمجهان  ٿو ته هن طرف ڪنهن به ڌيان ناهي ڌريو. جڏهن به سماج کان لاپرواهي ڪرڻ  جو رجحان وڌي ويندو آهي تڏهن ئي ان مان  گهڻيون بيماريون برايون ۽ بدبوءِ دار اٻڙڪندڙ غلاظتن جا ڍير  سماج لاءِ اهڙي ته ڌٻڻ بڻجي پوندا آهن جيڪي سموري مهذب سماج کي غرق ڪري ڇڏيندا آهن.

اسان جي سماج ۾ هنن بيمارين ۽ براين کي جنم ڏيندڙ اڪثر پوڍائو سرندي واري طبقو آهي، جيڪو اوچتو ڪرپشن ۽ ٻين ناجائز طريقن سان دولت ته ڪمائي  ٿو وٺي پر پوءِ اهو انسانيت  جي دائري مان نڪري حيوانيت ۾ داخل ٿي ٿو وڃي.  پوءِ هن لاءِ سماج مٽيون مائٽيون رشتا ۽ ناتا  ڪا به حيثيت ناهن رکندا ۽ هو سماج ۾  جهڙي طرح به چاهي گند پئدا ڪرڻ شروع ڪندو آهي. اهڙو گند جيڪو ناسور جيان هر وقت  اٻڙڪا ڏئي پونءَ  وهائيندو رهندو آهي.  ان لاءِ سواءِ پئسي جي  ٻئي ڪنهن به رشتي ناتي جي نه ضروت هوندي آهي ۽ نه اهميت.پوءِ  انهي لاءِ هڪ طرف پئسي جي حوس ۽ ٻيو عيش عشرت طرف سندس انڌ واري سوچ غالب رهندي آهي. مان سماج ۾ اهڙن ماڻهن سان گڏ ٻيا اهي ڏٺا  آهن جيڪي  عارضي ٺٺ ٺانگر ۽ پئسي جا پوڄاري هوندا آهن، اهي به هنن ناسورن سان  گڏجي  پوندا آهن. مونکي وڪالت ۾ آئي لڳ ڀڳ 30 سال گذري چڪا آهن ان دوران  اڻ ڳڻيا اهڙا ته ڇرڪائيندڙ واقعا ۽ حادثا منهنجي سامهون ايندا رهيا آهن، جيڪي هنن سماج جي  ناسورن جا پئدا ڪيل آهن انهن ۾  جيڪي وڏا مسئلا پئدا ٿين ٿا .

پئسي جي نشي ۾ سماج جا ناسور ۽ ڪرپٽ ماڻهو هڪ کان وڌيڪ شاديون عياشي سمجهي ڪندا رهن ٿا، اهي ڪڏهن به ناهن سوچيندا ته شادي هڪ اهڙو پاڪ پويتر  رشتو آهي جنهن سان نسل ۽ پيڙهيون پئدا ٿين ٿيون ۽ انهن جي سٺي پرورش ۽ پالنا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هي ڪوئي عارضي ڪم نه آهي شادي ڪرڻ کان پهريان سڌريل سماج ۾ رٿابندي ڪئي ويندي آهي ته مان گهڻا ٻار پئدا ڪندس  ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت ڪيئن ڪندس  انهن لاءِ خرچ پکو ڏيڻ جو اهڙو ذريعو هجي، جنهن سان اهو سلسلو بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهي سگهي ۽ ايئن نه ٿئي جو مان اهو سڄو وبال سماج لاءِ پئدا ڪريان ۽ پوءِ سماج لوڙيندو رهي .

پر اسان جي سنڌي سماج  ۾ ڪلارڪ کان ويندي ڪاموري تائين هاري کان ويندي زميندار تائين ڪنهن وٽ به نه اهڙي سوچ آهي ۽ نه رٿابندي، بس شاديون ڪرڻيون آهن شادي مٿان شادي سنڌي سماج لاءِ محض عياشي آهي، ان مان پئدا ٿيندڙ لشڪر  انهن لاءِ ڪابه حيثيت نٿا رکن.  روزانو مون وٽ اهڙا ڪيس ايندا ٿا رهن، پريشان حال، مايوس ۽ انتهائي بدحالي واري حالت ۾ نوجوان ڇا ٿا چون، ڪهڙا ڪيس کڻي ٿا اچن؟!  سائين بابي 3 شاديون ڪيون اسان جي امڙ کي ڪڍي ڇڏيو،  خرچ به نه ڏيندو آهي ۽ اسان کي ناني پاليو آهي. بس اٺين ڪلاس تائين پڙهياسين ته نانو به گذاري ويو، مامن به گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي هاڻي ته کائڻ ۽ رهڻ لاءِ به ڪجهه ناهي. اسان کي بابي کان حق وٺي ڏيو. کول قانون جا ڪتاب قانون جي ڪتاب ۾ ڪاٿي به لکيل ڪونهي ته پٽ پيءُ کان حصو وٺي سگهي  ٿو،  پر سائين چون ٿا ته هاڻي قانون آيو آهي  ته  پيءَ اولاد جي شادي ڪرائڻ لاءِ  پابند آهي. مون چيو شادي ڪري ڇا ڪندي  تون به ٻار پئدا ڪري ڇڏي ڏيندي. پهريان روٽي روزگار جو سوچ. سائين پوءِ قانون به بابي جي ملڪيت  مان ڪجهه ته ڏياري. مون چيو هن جي مرڻ کانپوءِ توهان کي قانون حصو ڏياريندو، زندگي ۾ توهان هن کان پنهنجو حصو نٿا وٺي سگهو، ڇو ته توهان حصيدار ناهيو. ٺيڪ سائين مطلب ته قانون به چاهي ٿو ته بابو به زنده نه رهي ته پوءِ نه رهندو، اسان کي به ته  زنده رهڻو پوندو۽ بابي کي مرڻو پوندو، نه نه ايئن نه ڪجان؟! مان ڇرڪي ويندو آهيان پر هو ارادو پڪو ڪري هليا ويندا آهن. ڪيترائي ڀيرا مايون  لشڪر ٻارن  جا وٺي اچي بيهي رهنديون آهن مڙس گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي، مائٽ به غريب آهن، هي ڪهول ڪٿان پاليان؟ اسان کي ڪائي قانون کان مدد وٺي ڏئي.  وجهه خرچ جو ڪيس.  ڪيس وڌو، مڙس کي وڪيل  سمجهايو طلاق ڏئي جان ڇڏاءِ،  مائي جا پئسا ته بچائي. اهي سڀ ٻار يتيمن واري  زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. پيءُ، ماءُ نياڻين جي مدد صرف زنده رهڻ  تائين ڪندا ٿا رهن. هنن جي مرڻ کانپوءِ ڀائر زالن جي قبضي ۾ هليا ٿا وڃن اهي ته پوءِ ڀائرن جي گهرن ۾ لنگهڻ به نٿيون ڏين .پوءِ اهي گهٽين ۾ رلي  پني حوس پرستن جو شڪار بڻجندي عادي موالي ۽ گهٽين جا  بي رحم غنڊا بڻجي وڃن ٿا ۽ اهڙن جو تعداد ڪلڪتي۽  ممبئي جيان سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺن ۾  وڌندو پيو وڃي. سڄو سماج عياشين جي گندگي  غلاظت سان ڀربو پيو وڃي، ان کي ڪو به ڏسڻ وارو ناهي. تنهن شام جو هڪ ڪوماڻل ٻوٿ سڪل نوجوان آفيس ۾ هليو آيو.  ڪراڙي مائي به گڏ هيس، سائين ڪيس داخل ڪري ڏيو، بابا ڇاجو؟ سائين بابو حصو نٿو ڏئي، بابا اهڙو قانون ئي ڪونهي جيڪو توکي  بابي جي ملڪيت مان حصو ڏياري.  مائي رڙيون ڪرڻ لڳي پوليس آفيسر آهي گهڻي ئي ملڪيت اٿس مان وڏي گهرواري آهيان  ٽي ميون ٻيون به پرڻيو ويٺو آهي .

مون کي ٻچڙن سميت دربدر ڪري ڇڏيائين. ڪيترائي آهن جيڪي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ٻارن سميت زالن کي ڪڍي ٿا ڇڏين.

هن سماج کي هڪ اهڙو نسل ڏنو پيو وڃي جيڪو  سنڌي سماج جي سڀني  ريتن رسمن ۽  رواجن جون ڌڄيون اڏائي  ڇڏيندو. ان لاءِ ڪير ذميوار هوندا؟ رشوتي ادارا، حڪمران يا پاڻ سماج، جنهن جو نه ڌڙ بچو آهي نه سسي. ڀٽائي چواڻي “سسي نيزي پاند، اڇل تان اڌ ٿئي.”

زندگي ٿڪجي  چوواٽي تي چنگهي رهي  آهي. اڄ بک ۽ بدحالي جو شڪار هي زندگي بيوس ۽ لاچار زندگي. جڏهن نه اهي لاوارث نسل جا لشڪر ساڻ ڪري آئي ته ڪو به سک سان نه رهي  سگهندو نه سڪون ئي ماڻي سگهندو.  هن  سماج  جي ڇت کي جلد ٿوڻيون ڏئي نه بچايو  ويو ته ڇت ڪرڻ ۾ هاڻي دير ڪونهي .