لاوارث لاش وڌڻ لڳا اسپتالن ۾ جڳھه ختم ٿي وئي … ،، ع لي ،،

0
54
لاوارث لاش وڌڻ لڳا اسپتالن ۾ جڳھه ختم ٿي وئي ... ،، ع لي ،،

سٺي زندگي گذارڻ جي لاءِ ڪيترائي ماڻھو مخلتف ملڪن ڏانھن ھجرت ڪندا آھن پر ھاڻي انھن ملڪن جي سماجي ۽ معاشي حالت ڪجھه ٻيو پئي ٻڌائي

                         ڪيترن ئي صوبن ۾ لا وارث لاشن جي ڳڻپ ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي ڪجھه ئي سالن ۾ لا وارث لاشن ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿيو آھي غربت ۽ مھانگائي جي ڪري  ماڻھو لاش جي دفنائڻ ريتن رسمن خرچ کان بچڻ جي لاءِ لاش کي لا وارث قرار ڏئي مرده خانن ۾ ڇڏي ٿا ڏين ۽ حالت اھا بيٺي آھي جو مرده خانا وڌائڻ جي لاءِ سوچيو پيو وڃي

                         ڪھاڻي آھي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ ڪئناڊا جي صوبي انٽاريو ۾ وڌ کان وڌ لا وارث لاش پيا آھن

                         2013ع ۾ اھڙن لاشن جو تعداد 213 هو جيڪو 2023ع ۾ 1183 تي پڄي ويو آھي 2022ع ۽ 2023ع ۾ 20 کان 24 سيڪڙو لا وارث لاشن ۾ واڌارو ٿيو آھي

ھر 24 ڪلاڪ ۾ ھڪڙو لاش اھڙو ضرور ھوندو آھي جنھن کي لا وارث قرار ڏنو ويندو آھي

لا وارث لاش ملڻ جو سبب ڇا آھي ؟

لا وارث لاش ملڻ جا ٻيا به سبب ٿي سگھن ٿا پر ھڪڙو اھم سبب تدفين جو خرچ آھي ڇو جو ھڪڙو وٺڻ جي لاءِ 2600 کان 34 ھزار ڊالر خرچ اچي ٿو مطلب 6 لک جي ڀڳ کان 70 لک رپين تائين قبر وٺڻي ٿي پئي ان کانپوءِ لاش پھچائڻ وارين گاڏين ۽ تدفين ڪندڙ جو خرچ وغيره تمام گھڻو ٿيو وڃي ۽ ان خرچ کي ڪيترائي ماڻھو برداشت نٿا ڪري سگھن ان ڪري لاش لاوارث قرار ڏئي ڇڏي ٿا وڃن

لاشن مان گل ٻوٽا پوکيو

امريڪا ۾ ھاڻي لاش کي ڊي ڪمپوز ڪرڻ جو اھڙو طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آھي ملندڙ لاش کي ڳاري مٽي حوالي ڪندا پوءِ ان مٽي ۾ گل پوکيو ٻوٽا پوکيو يا ڀاڄيون پوکيو خرچ به گھٽ زمين جي به بچت…. (فيس بوڪ تان ورتل)