لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته لاهور ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، تحريڪ انصاف پاران ڳالهين جو مينڊيٽ صدر علوي وٽ آهي، اهو جيڪو حل ڪڍندو، اسان ان سان گڏ آهيون، ڳالهين جو واحد شرط جلد اليڪشن آهي، رانا ثناءُ الله ۽ مريم اورنگزيب جي ڪابه حيثيت ناهي، اهي هن راند ۾ جوڪر آهن، هن تاش جي پتي ۾ جيڪو بادشاهه آهي، اهو ئي فيصلو ڪندو.