ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ساٿي ڪرڪيٽر عابد علي کي برسات دوران گُل پيش ڪري ڇڏيو. قومي ڪرڪيٽر لاهور ۾ ٿيندڙ تيز برسات مان لطف وٺندا رهيا ان دوران فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي ساٿي دوست ٽيسٽ ڪرڪيٽر عابد علي کي گل پيش ڪيو جنهن کي عابد علي به قبول ڪري ورتو. علم ۾ هجي ته قومي ٽيم جي ڪيمپ کان اڳ ڪرڪيٽر گڏيل طور تي لاهور ۾ ٽريننگ ڪري رهيا آهن.