لاهور ۾ پالتو شينهن نڪري آيو، ٻارن تي حملو، 3 رتورت، مالڪ گرفتار

0
24
لاهور ۾ پالتو شينهن نڪري آيو، ٻارن تي حملو، 3 رتورت، مالڪ گرفتار
لاهور ۾ پالتو شينهن نڪري آيو، ٻارن تي حملو، 3 رتورت، مالڪ گرفتار

لاهور(م ڊ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ پوليس پالتو شِينهن حملو ڪري 3 ٻار زخمي رتورت ڪري وڌا، پاڙيوارن موجب اوطاق جي ڀِت ٽپي خونخوار شِينهن ٻارن مٿان حملو ڪيو. ٻار ڊپ ۽ هراس سبب رڙيون ڪري رهيا هئا، پر شِينهن جو مالڪ (جوابدار) تماشو ڏسي رهيو هو. والد موجب، ٻارن تي حملو ڪري شِينهن ٻيهر ٽپو ڏئي اوطاق ۾ واپس هليو ويو، واقعي کانپوءِ جوابدار پنهنجي پالتو شِينهن کي گاڏيءَ تي کڻي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. پوليس قتل جي ارادي سميت پنجاب وائلڊ لائيف ايڪٽ جي مختلف شقن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو. پنجاب جي جهنگلي جيوت کاتي موجب، واقعي جي اطلاع ملڻ تي وائلڊ لائيف رينجرز جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ بنا لائسنس شِينهن رکندڙ همراهه کي گرفتار ڪري ورتو، جهنگلي جيوت کاتي جي اختيارين موجب، بنا لائسنس ۽ حفاظتي قدمن کانسواءِ شِينهن رکڻ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ڏوهه آهي، جنهن جي ڀڃڪڙي تي ست سال ٽيپ ۽ پنجاهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا مقرر آهي. اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته وائلڊ لائيف جي نون قانونن تحت شِينهن رکڻ لاءِ باظابطا اجازت نامو، مقرر ڪيل سائيز جو پڃرو ۽ ايس او پيز تي عملدرآند لازمي قرار ڏنو ويو آهي.