لاهور (م ڊ) لاهور ۾ نوڪري جي ڳولا نڪتل ناري زيادتي جو شڪار ٿي وئي، لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ نوڪري جو ڏٽو ڏئي ناري سان زيادتي ڪئي وئي، غالب مارڪيٽ ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، متاثر ناري ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ته آئون نوڪري جي ڳولا ۾ احمد نالي شخص وٽ ويس، جيڪو مونکي هڪ هوٽل ۾ وٺي ويو ۽ بندوق جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدار زيادتي بعد ڌمڪيون ڏيندي هوٽل مان ڪڍي ڇڏيو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.