لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان اسلم اقبال جي اوطاق مان هڪ لاش هٿ آيو آهي. ذريعن موجب، ميان اسلم اقبال جي اوطاق جي هڪ ڪمري مان اٽڪل 40 ورهين جي شخص جو لاش مليو. واقعي جو پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر موجب، فوتي شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، پر شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب، ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻيو ويو آهي.