لاهور(م ڊ) لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي دوران ٻئي دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، جڏهن ته 2 دهشتگرد فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻي تان بم ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي