لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽرن جو اين سي اي اسڪلز ڊولپمينٽ ڪيمپ جاري آهي، اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ٻن ڏينهن جي تربيت کان پوءِ ڪيمپ ڇڏي ويو. ذريعن موجب، بابر اعظم اڳواٽ طئي ٿيل وابستگي جي ڪري ڪالهه پرڏيهه روانو ٿيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ڪيمپ انتظاميا ۽ پي سي بي کي اطلاع ڏيڻ کان پوءِ پرڏيهه هليو ويو. ياد رهي ته بابر اعظم اسڪلز ڊولپمينٽ ڪيمپ جي پهرين مرحلي ۾ رانديگرن ۾ شامل هو. ڪيمپ جي پهرين مرحلي ۾ ابرار احمد، احمد دانيال، بابر اعظم، حسن نواز، معاذ صداقت، محمد عباس آفريدي، عامر جمال، محمد حارث، محمد نواز، محمد رضوان، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، سلمان مرزا ۽ سفيان مقيم شامل آهن. ٻيو مرحلو 23 جون ۽ ٽيون مرحلو 30 جون تي شروع ٿيندو.