نيپيئر (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي مارڪ چيپمين پاڪستان خلاف پهرين ون ڊي ۾ سينچري اسڪور ڪندي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، پر سوشل ميڊيا تي پنهنجي پهرين عالمي ميچ کيڏندڙ محمد عباس ڇانيل آهي.محمد ارسلان عباس پاڪستان خلاف ڊيبيو ميچ ۾ تيز بيٽنگ ڪندي 26 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ٽي ڇڪا ۽ ٽي چوڪا شامل هئا.
عباس 2003ع ۾ پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ ڄائو، جڏهن ته سندس پيءُ اظهر عباس پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٻنهي ملڪن ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي.ڪرڪيٽ تجزيي نگار عاطف نواز تبصرو ڪندي چيو ته ”نيوزيلينڊ جي محمد عباس شاندار ڊيبيو ڪيو، لاهور ۾ ڄاول 21 ورهين جي نوجوان پنهنجي جنم ڀومي واري ملڪ خلاف رڳو 24 بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي ۽ نيوزيلينڊ لاءِ وڏو ٽارگيٽ سيٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ميچ کانپوءِ پنهنجي اننگز بابت ڳالهائيندي عباس چيو ته اڄوڪو ڏينهن سندس لاءِ ڏاڍو خاص هو، هو پنهنجن جذبن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهي.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هو نيوزيلينڊ لاءِ بيٽنگ ڪرڻ لاءِ پچ تي پهتو ته مداحن جي تاڙين جو آواز ڪنن تي پئجي رهيو هو، پر هو رڳو پنهنجي پيءُ جي محنت بابت سوچي رهيو هو، جنهن جي ڪري هو اڄ پنهنجي ملڪ لاءِ ڊيبيو ڪري رهيو آهي.سوشل ميڊيا تي نيوزيلينڊ طرفان ڊيبيو ڪندڙ پاڪستان ڄائي بيٽر جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.عثمان خان نالي ايڪس واهپيدار لکيو ته عباس راند جي آخري اوورن ۾ پاڪستان جي چوٽيءَ جي بالرن خلاف دليراڻي اننگز کيڏي، جنهن نيوزيلينڊ جو اسڪور 344 تائين پهچائي ڇڏيو، محمد عباس جو نالو ياد رکجو.هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته محمد عباس واضح ڪري ڇڏيو ته سندس عالمي ڪرڪيٽ ۾ مستقبل شاندار آهي، جڏهن ته هو بيٽنگ سان گڏ وچولي رفتار سان بالنگ به ڪري ٿو.سهيل عمران نالي واهپيدار ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته لاهور ۾ پيدا ٿيندڙ بيٽر پنهنجي ٽيلينٽ جو مظاهرو پاڪستان خلاف ئي ڪيو.