لاهور: (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر شير افضل مروت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ 3 ايم پي او جي تحت گرفتار ڪيو هو سندس گرفتاري جي خلاف داخل درخواست تي اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شهرام سرور چوڌري جي آڏو ٻڌڻي ٿي. جج شير افضل مروت جي ضمانت منظور ڪندي کيس ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ کان پوءِ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته شير افضل مروت 14 ڊسمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪري واپس روانو ٿيو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو هو ۽ سندس ٿري ايم پي او جي تحت گرفتاري ظاهر ڪئي هئي.