لاهور (  ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ننڍي عمر جي ڊرائيورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي صوبي ۾ ننڍي عمر وارن ڊرائيورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نگران وڏي وزير بنا لائسنس گاڏيون ۽ بائيڪ هلائڻ وارن ننڍي عمر وارن ڊرائيورن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي آءِ جي پوليس، سي سي پي او لاهور ۽ تمام آر پي اوز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته ننڍي عمر وارن ڊرائيور نه رڳو پنهنجي لاءِ پر ٻين لاءِ به خطرو آهن. هن والدين کي به هدايت ڪندي چيو ته هو ننڍي عمر وارن ٻارن کي گاڏي يا موٽرسائيڪل هلائڻ جي اجازت نه ڏين.