لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندرز جي بيٽر فخر زمان چيو آهي ته ٽيم طور سندن ٽارگيٽ اهو آهي ته هن ڀيري ٽرافي کٽڻي آهي. لاهور ۾ ميڊيا ڳالھائيندي فخر زمان چيو ته صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڏينهن سٺو ۽ ڏکيو رهيو، ڏيڍ مهيني کانپوءِ بيٽنگ ڪئي، ائين محسوس ٿي رهيو ڄڻ بنا پيڊ جي بيٽنگ پيو ڪيان. هن چيو ته پي ايس ايل جي پهرين ميچ پري آهي، پريڪٽس دوران بال بيٽ تي اچي رهيو هو ۽ اميد آهي ته ٽن چئن ڏينهن ۾ مڪمل رڌم ۾ اچي ويندس. پي ايس ايل جي ڏهين سيزن بابت ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته سندس انفرادي گول سدائين هڪ ئي آهي ته بهترين بيٽر بڻجڻو آهي ۽ پنهنجي ٽيم کي فائنل کٽرائڻو آهي، هن واري به ٽيم کي ميچون ۽ ٽرافي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ بالنگ ۽ بيٽنگ جو معيار انتهائي شاندار آهي، سخت مقابلا ٿيندا آهن، پنهنجي فرنچائز سميت ٻين ٽيمن جي نوجوان رانديگرن سان پنهنجو تجربو ونڊيندو آهيان. سندس چوڻ هو ته ٽيم طور اسان جو هدف پي ايس ايل ٽائيٽل کٽڻ آهي، اسان هر ميچ فائنل سمجهي کيڏندا آهيون، اسان جو ڌيان هر ميچ تي هوندو آهي.