لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز پي ايس ايل 10 لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي رسل ڊومينگو کي هيڊ ڪوچ بڻائي ڇڏيو.لاهور قلندر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ” مشهور ڏکڻ آفريقي ڪوچ رسل ڊومينگو کي پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ تي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، هو ڊيرن گف جي جاءِ والاريندو، جنهن ذاتي سببن جي ڪري دستيابي کان معذرت ڪئي هئي، رسل ڊومينگو ڪوچنگ جو وسيع تجربو رکي ٿو، هو ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش جي قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته رسل ڊومينگو پنهنجي بهترين حڪمت عملي ۽ نوجوان رانديگرن کي نکارڻ جي صلاحيت جي ڪري مشهور آهي ۽ سندس مقرري لاهور قلندرز جي ويزن سان مڪمل هڪجهڙائي رکي ٿي.پنهنجي بيان ۾ رسل ڊومينگو جو چوڻ آهي ته هو پي ايس ايل لاءِ لاهور قلندرز سان گڏ ٿيڻ تي ڏاڍو پرجوش آهي.سندس چوڻ هوته هو جلد قلندرز سان ڪم شروع ڪرڻ، رانديگرن ۽ مينيجمينٽ سان ملڻ ۽ بهترين سيزن جي تياري ڪرڻ جو منتظر آهي.واضح رهي ته لاهور قلندرز پنهنجو سفر 11 اپريل تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ميچ سان شروع ڪندي.