لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ڏهين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز لاهور قلندرز کي دلچسپ مقابلي بعد ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪئي. لاهور قلندر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 175 رنز ٺاهيون. جواب ۾ ڪراچي ڪنگز 176 رنز جو ٽارگيٽ 8 وڪيٽن تي سولائيءَ سان حاصل ڪري ورتو. لاهور پاران صاحبزاده فرهان 45 بالن تي 72 رنز ناٽ آئوٽ جي شاندار اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 4 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا. ڪراچي ڪنگز پاران مير حمزه، حسن علي ۽ تبريز شمسي 2_2 وڪيٽون ورتيون.ڪراچي پاران ڪيرون پولارڊ 58 ۽ شعيب ملڪ 39 رنز جي اننگز کيڏي.