لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) لاهور جي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جون واش روم ۾ وڊيو ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته هڪ شاگردياڻي وڊيو ٺاهيندڙ ملازم کي پڪڙي ورتو. ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ هڪ شاگردياڻي واش روم مان ڳجهي نموني وڊيو ٺاهيندي هڪ شخص کي پڪڙي ورتو ۽ کيس يونيورسٽي انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيو. يونيورسٽي انتظاميا پاران معاملو دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي شاگردياڻي ڪي پي ۾ پنهنجي والدين کي اطلاع ڪيو. شاگردياڻي جي والدين جي پهچڻ بعد يونيورسٽي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو جنهن بعد ڳجهي نموني وڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف پڻ  ٿيو. متاثر شاگردياڻي جي  وڊيو ٺاهيندڙ يونيورسٽي جو ملازم نڪتو جنهن کي بعد ۾ يونيورسٽي انتطاميا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي استعمال هيٺ 5 واش روم آهن پر انهن جي ڇتين وچ ۾ ايترو خال آهي جو اتان ڪوبه ماڻهو ڳجهي نموني وڊيوز ٺاهي سگهي ٿو. ٻئي طرف يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر محمود اياز جو چوڻ آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ڄاڻايل ملازم کي پوليس حولي ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.