لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشيءَ دوران اسد عمر جي طبيعت خراب

0
45
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشيءَ دوران اسد عمر جي طبيعت خراب
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشيءَ دوران اسد عمر جي طبيعت خراب

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشيءَ دوران اسد عمر جي طبيعت خراب، اسپتال منتقل ڪيو ويو

اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي سندس طبيعت خراب ٿي وئي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد عمر کي سيني ۾ سور  ٿيو، جنهن تي کيس فوري طور اسپتال نيو ويو

ذريعن موجب اسد عمر جي وڪيل موجب اسد عمر عدالت ۾ موجود هو ته کيس دل جو دورو پيو، جنهن کان پوءِ کيس هٿن تي کڻي گاڏي ۾ ويهاري پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو

 اسپتال انتظاميا موجب  اسد عمر جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي، ناشتي کان سواءِ بلڊ پريشر جي دوا استعمال  ڪرڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي، کيس طبي امداد ڏني وئي آهي