لاهور (م ڊ) لاهور جي جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث شرپسندن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. انتظاميا موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري بعد ڀڃ ڊاهه، قيمتي شيون ۽ دستاويزن جي چوري ڪندڙ شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي. جناح هائوس ۽ ٻين فوجي جاين تي حملو ڪندڙڪجھهه شر پسند سڃاڻي ورتا آهن. پوليس ذريعن موجب ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ به ڀڃ ڊاهه ۽ باهين ڪندڙ ڪجھه ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، انهن خلاف دهشگتردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. ايف آءِ آر موجب شرپسندن ۾ اويس مشتاق، عباد فاروق، محمد حاشر خان ۽ جھانزيب جي سڃاڻپ ٿي آهي، اهي ماڻهو آتشي اسلحي، ڏنڊن، پٿرن ۽ پيٽرول بم کڻي گھمي رهيا هئا.