لاهور (م ڊ) لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) وچ ۾ اوور بلنگ جو تڪرار شديد ٿي ويو آهي. ذريعن موجب نيپرا ليسڪو چيف کان اوور بلنگ لڪائڻ جي الزامن تي وضاحت گھري ورتي آهي. ذريعن چيو آهي ته نيپرا توانائي واري وزارت کان ليسڪو فيلڊ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو به مطالبو ڪيو آهي. نيپرا ذريعن موجب اوور بلنگ وارين ڊويزنن ۽ سب ڊويزنن جي ايڪسئنز ۽ ايس ڊي اوز تبديل ٿيندا. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته نيپرا اوور بلنگ جي شڪايتن جي تحقيق سامهون اچڻ تي ان ۾ ملوث ليسڪو آفيسرن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.