لاهور(شوبز نيوز) عالمي شهريت ماڻيندڙ پاڪستاني گلوڪار عاصم اظهر جو چوڻ آهي ته وقت سان گڏ پنهنجي بيوقوفين مان سکي ورتو آهي، جلد منهنجو آواز هڪ خانگي ٽي وي جي ڊرامي جي او ايس ٽي ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن اهو زندگي جو حصو آهن انهن کي منهن ڏيڻ اچي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ننڍپڻ ۾ شرارتي هوندو هيس، والدين جا دڙڪا ملندا هئا، بچپن جون ساروڻيون ساريندي هن چيو ته شاهه رخ خان جو وڏو فين هيس ننڍپڻ کان ئي ڪنگ خان جو پرستار رهيو آهيان ۽ ان جون ئي فلمون ڏسندو هيس.  عاصم اظهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هميشه کان پاڪستاني پاپ ميوزڪ کان متاثر رهيو آهيان، گلوڪار فخر محمود، هارون کان علاه ميوزڪ بينڊ اسٽرنگز منهنجا پسنديده رهيا آهن، جڏهن ته 14 آگسٽ تي هارون جي ڪيترن ئي نغمن تي اسڪولن ۾ ٽيبلوز ڪرڻ زندگي جي ڪجهه خوبصورت يادن ۾ شامل آهن