خضدار(م ڊ) ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) اڳواڻن جي گرفتاري ۽ تشدد خلاف بلوچستان نيشنل پارٽي جو سردار اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ وڍ کان نڪتل لانگ مارچ ڪوئيٽا ڏانهن روان دوان آهي، جڏهن ته مختلف هنڌن وٽ رڪاوٽن جا اطلاع رهيا، مختلف هنڌن تي پارٽي اڳواڻن طرفان شاندار آجيان ڪئي وئي. لانگ مارچ مٿان گل ورکا ٿيا، بي اين پي سربراهه اختر مينگل مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي چيو ته هي لانگ ڪنهن سياسي مقصدن لاءِ ناهي، نه ئي ڪنهن هڪ پارٽي لاءِ آهي، پر هي بلوچستان جي عوام ننگن جي تحفظ لاءِ آهي، وڌ کان وڌ ماڻهو شرڪت ڪن. سردار اختر مينگل وڌيڪ چيو ته عيد جي ڪپڙن کان علاوه ڪفن ۽ ڪوڏرون گڏ کڻي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو هو ته جيڪڏهن عورتن کي آزاد نه ڪيو ويو ته لانگ مارچ کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪيو ويندو.