لانگ مارچ وڏي غلطي يا رِسڪ ؟

0
46
عوام تي معاشي ۽ سياسي جبر جا اثر

اڄ 25 مئي آهي ۽ اڄ ئي عمران خان اسلام آباد ۾ منجھند ڌاري پشاور کان جلوس جي قيادت ڪندي اسلام آباد پهچندو، سندس مطالبو اهوئي آهي ته حڪومت مستعفي ٿئي اسيمبليون تحليل ٿين عبوري حڪومت جي تشڪيل ڪئي وڃي ۽ نين چونڊين جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي، سندس اعلان مطابق جيستائين اهي مطالبا نٿا مڃيا وڃن، هو لانگ مارچ کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪري ويهي رهندو. اتحادي حڪومت جيڪا بظاهر لانگ مارچ جي اعلان کان پهريان گھڻن مونجھارن ۽ ٻڏ تر جو شڪار هئي ان پنهنجي تمام اتحادين سان صلاح مشورا ڪري واضح هي اعلان ڪيو آهي ته “حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪندي ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي ۽ عمران خان جو اليڪشن جو مطالبو نه مڃيندي” انهيءَ سان گڏوگڏ حڪومت لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد جي ريڊ زون کي ڪنٽينرن سان سيل ڪيو آهي. ٻڌايو ٿو وڃي ته ٻاويھه هزار فورس مقرر ڪئي وئي آهي حڪومت هي به اعلان ڪيو آهي ته جي لانگ مارچ ڪجھه رڪاوٽون هٽائي پهتو ته ان کي سرينگر هاءِ وي تي روڪيو ويندو. حڪومت ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جو ٽڪراءُ ڪهڙي حدن تائين پهچي ٿو يا عمران خان پنهنجي لانگ مارچ کي پهچائڻ کان پوءِ واپس ٿيندو جنهن جو امڪان نه هجڻ جي برابر آهي،

ها البته عمران خان حڪومت کي اهو موقعو ڏئي ته هو سڀني ماڻهن جي مجموعي کي منتشر ڪري ۽ عمران خان کي عارضي طور تي تحويل ۾ وٺندي کيس بني گالا هائوس ۾ نظر بند رکي ۽ پوءِ مسلسل پي ٽي آئي جي طرفان ٿيندڙ مظاهرن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي جوڙي، باقي معاملو ان حد تي پهتل آهي ته نه عمران خان پوئتي هٽندو ۽ نه وري حڪومت ۽ ان جا اتحادي ڪي مطالبا مڃيندا، اهڙي صورتحال ۾ هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته عمران خان لانگ مارچ جو اعلان ڪري غلطي ڪئي آهي يا هن هڪ وڏو سياسي رسڪ کنيو آهي. عمران خان لانگ مارچ کان پهريان کلي عام سڄي ملڪ ۾ جنهن جاءِ چاهي جلسو ڪري پئي سگھيو ان جي جلسن جو اثر سندس پارٽي جي لاءِ فائديمند ٿي رهيو هو. اهڙي صورتحال ۾ هن فورن اهڙو فيصلو ڇو ڪيو جو  حڪومت سندس مطالبا مڃي يا هن جي مٿان سختي وڌائي. ڇا عمران خان انهيءَ جي لاءِ ذهني طور تي پهريان ئي تيار هو ڇا هو لانگ مارچ جي اعلان ڪرڻ کان پوءِ اهو پختو يقين ڪري چڪو آهي ته هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو، ڪٿي هن کي وري ڪو ڳجھو اشارو مليو آهي ته هو اڳتي وڌي ته نتيجا سندس حق ۾ڏياريا ويندا.

جيڪڏهن معاملو ايئن آهي تڏهن به ان کي هڪ اهڙو رِسڪ جو فيصلو چئي ٿو سگھجي جنهن ۾ جيڪڏهن هو ڪامياب نٿو ٿئي ته هن جو نقصان يعني هن جي پارٽي جي سرگرمي وڌيڪ محدود ٿي سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن معاملو مڪمل طور تي اهڙي ئي رخ تي بيٺل آهي جيڪو نظر اچي پيو ته اسٽيبشلمينٽ هن حالتن ۾ هن پوري ٽڪراءَ ۾ پاڻ کي غير جانبدار ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جو ڌرڻي اعلان ڪرڻ وقت عمران خان چٽن لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن اسٽيبشلمينٽ غير جانبدار آهي ته پوءِ غير جانبدار ئي رهي. انهيءَ اعلان جو هڪ پاسو هي آهي ته عمران خان وري هڪ ٻي ڪوشش ڪري پيو ته حالتون ان حد  تي پهچائجن جو اسٽيبشلمينٽ کي مجبورن مداخلت ڪرڻي پئي. هاڻي هي سوال وري اسان جي آڏو ٻيو پهلو پيو آڻي ته جيڪڏهن هنن حالتن ۾ اسٽيبشلمينٽ پنهنجي غير جانبداري پاسيري ڪندي مداخلت ڪري ٿي ته پوءِ ان جو نتيجو ڇا پهريان کان وڌيڪ خوفناڪ صورت ۾ نه نڪرندو؟ 2018ع جي مداخلت کي اتحادين برداشت ڪيو يا کين برداشت ڪرايو ويو پر هاڻي جيڪڏهن مداخلت ٿئي ٿي ته پوءِ پوري اتحادين جي لاءِ خاموشي اختيار ڪري چپ ڪري ويهڻ نه رڳو سياسي موت جي برابر ٿيندو پر انتهائي ذلت آميزي هنن جي مقدر جو حصو بڻبي. تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ موجوده اتحادي حڪومت پوئتي قدم نه هٽائيندي ۽ نه وري اتحادي حڪومت ايتري ڪمزور آهي جو هو ريموٽ ڪنٽرول تي هلي.

شايد اهوئي سبب آهي جو نواز شريف سازگار حالتن باوجود واپس نٿو اچي ڇو ته اڃان هو خاطري جي باوجود مطمئن ناهي. اسان کي هي ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گھرجي ته جڏهن ڪنهن اداري جي اندر سياسي مداخلت جو عمل رهي ٿو ته انهيءَ ۾ ورڇ ٿيڻ لازمي ۽ اڻٽر هوندو آهي. ڀلي اداري جي هاءِ ڪمانڊ ڪهڙو به فيصلو ڪري پر هيٺين پرتن ۾ ورڇ رهي ٿي ۽ اهي پنهنجي حمايت ۽ مخالفت جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۽ رخ کان اظهار ڪندا رهندا آهن. عمران خان جو لانگ مارچ پنهنجي عوامي طاقت سان حڪومت کي شڪست ڏئي اهو سمجھه ۾ نه ايندڙ سوال آهي. ساڳئي طرح عمران خان جو فيصلو به سياست ۽ ميڊيا جي تجزين ۾ اهڙي ڪيفيت پيو اڀاري جيئن عمران خان ان نتيجي تي پهتو هجي “هاڻي يا ڪڏهن به نه ”. هاڻي يا ڪڏهن به نه جو فيصلو جمهوري جدوجهدن ۾ انتهائي مشڪل ۽ فيصلا ڪن مرحلي تي ته ڪري سگھجي ٿو پر جدوجهد ۾ اهڙا فيصلا صرف ۽ صرف انقلابي سياسي طاقت جي بنيادن تي ٿيندا آهن ۽ انقلابي سياسي طاقت ڪنهن سياسي پارٽي وٽ تڏهن هوندي آهي جڏهن  اها سياسي پارٽي پنهنجي صفن ۾ هڪ تمام وڏي مزاحمتي قوت رکندڙ هجي ۽ رياست جي ادارن ۾ اڪثريتي حمايت  کيس ملڻ جو يقين هجي.

نه رڳو يقين هجي پر پارٽي تمام ادارن جي اندر داخل ٿي پنهنجي صف بندي ڪري چڪي هجي، هاڻي جيڪڏهن صورتحال کي ڏسجي ٿو ته پري پري تائين اها صورتحال نظر نٿي اچي. پاڻ پي ٽي آئي جي تنظيمي ۽ سياسي معيار تي گھڻو بحث نٿا ڪريون پر اسان جي آڏو چٽي طريقي سان اها پارٽي موجود آهي جنهن ۾ انقلابي اجزات ۽ مرڪبات ذري برابر به نظر ڪو نه ٿا اچن، نه رڳو پارٽي جي اندر پر پارٽي جي مٿي سطح جنهن ۾ پوري ليڊرشپ اچي ٿي وڃي انهن ۾ ڪٿي به اهڙي گھرائي ۽ پختگي ڳولڻ مفروضي جي بنيادن تي وقت وڃائڻ جي برابر ٿيندو. موجوده لانگ مارچ  جو اعلان ڪري عمران خان جيڪڏهن غلطي ناهي ڪئي ۽ نه وري هن حاصلات جو رسڪ کنيو آهي ته پوءِ هي صاف ۽ چٽو نظر پيو اچي ته هاڻي عمران خان پنهنجي سياسي حڪمتِ عملي ۾ مظلوميت جو ڪارڊ به شامل ڪرڻ چاهي ٿو. ڇو ته عمران خان کي اها خبر آهي ته موجوده جلسن کان پهريان يعني 2018ع جي اليڪشن کان پهريان هن جا انهيءَ کان به وڏا جلسا هئا تڏهن شفقت جي ڇٽي به هن تي پنهنجو پاڇو رکندي ٿي آئي پر اليڪشن ۾ هن کي اها موٽ نه ملي سگھي جو هو سادي اڪثريت جي بنيادن تي حڪومت ٺاهي سگھي ۽ ايتري حد تائين ان جي سياسي لاڏ ڪوڏ کي برداشت ڪيو ويو جو تاريخ ۾ شايد ئي ڪو وزير اعظم ايترو لاڏلو رهيو پر نتيجا هن جي اڳيان آهن. ايئن هن جي پارٽي ڪپڙي وانگر چيرجي وئي ۽ وري هن کي ڳنڍڻ ۽ سبڻ جي سگھه به نه رهي توڙي جو هن ناراض ميمبرن کي سياسي پيءُ جيان آغوش ۾ آڻڻ جي لاءِ جتن ڪيا پر کيس ڪجھه نه وريو.

هاڻي هن کي اها ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي ته حڪومت جي مٿان هو جيڪي الزام لڳائي ٿو اليڪشن ۾ اهي سڀئي ڪاغذ جون ٻيڙيون بڻجي ويندا ۽ اليڪشن جي وهندڙ ندي پنهنجو فيصلو ٻيو ڏيندي جنهن مان هي واقف آهي. تنهن ڪري هو سياست جي اندر هاڻي هڪ مستقل مزاجي سان اهڙي سرد جنگ چاهي ٿو جيڪا هلندي رهي ۽ ناڪامين ۾ به کيس مظلوميت جو گرائونڊ ملندو رهي. عمران خان پنهنجي سياست ۾ اها طاقت آڻي نٿو سگھي جنهن جو تصور هن جي دماغ ۾ ڦري ٿو ها هو وري حالتن جي انتظار ۾ رهندي سياسي ٽڪراءُ جي عمل کي برقرار رکندي ان وقت جو انتظار ڪندو جڏهن وري ڪو اشارو هن جي حق ۾ اچڻ شروع ٿئي. باقي پارٽي جي نئين سري سان جوڙجڪ ۽ مخالف سياسي پارٽين ڏانهن سندس دوستاڻو رويو هم آهنگي ۽ اتحاد جي حڪمتِ عملي هن جي مزاج ۾ ئي شامل ناهي جيئن ماضيءَ ۾ محترمه بي نظير ڀٽو وڌ کان وڌ مخالفن سان مصلحت جي بنيادن تي اتحاد ڪيا ۽ خود نواز شريف به اتحادن جي اهميت کي محسوس ڪندي پنهنجي سياست کي جياريو. هن وقت به سياسي اتحادين جي حڪمتِ عملي جو نتيجو ئي هو جو عمران خان کي انهن ڪجھه وقت کان پوءِ سخت کان سخت ۽ ڏکيو ٽائيم ڏنو آهي. يقينن اڄ جو هي لانگ مارچ رات تائين پنهنجو منطقي نتيجو اسان کي ڏئي ڇڏيندو. عمران خان جيڪڏهن پنهنجي وڌيل اعتماد جي بنيادن تي قائم آهي ۽ ان لانگ مارچ جي پويان ڪا ٻئي حڪمتِ عملي ناهي ته پوءِ پاڻ اهوئي نتيجو ڪڍي ٿا سگھون ته اها خان ڀائي جي هڪ وڏي مفروضاتي اميد ۽ تاريخ جي وڏي غلطي هوندي يقينن انهيءَ کي ثابت به ويجھي تاريخ  ئي ڪندي.