لانگ مارچ، ستن جو انگ ۽ سولومن گرونڊي وارو نظم

0
79
لانگ مارچ، ستن جو انگ ۽ سولومن گرونڊي وارو نظم

جنهن ڏينهن پي ٽي آئي سربراهه عمران خان جو لانگ مارچ، پنجاب جي شهر وزيرآباد جي الله والا چوڪ وٽ، پي ٽي آئي جي آجياڻي واري ڪيمپ ويجهو موجود هو ته لانگ مارچ واري قافلي ۾ شامل ان ڪنٽينر تي، جنهن تي عمران خان سميت پي ٽي آئي جي ٻي قيادت به موجود هئي ان جي سامهون بيٺل هڪ هٿياربند نويد آرائين پاران پي ٽي آئي سربراهه عمران خان تي سڌا فائر ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾، عمران خان سميت پي ٽي آئي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد، احمد ناصر چٺا، ۽ چوڌري محمد يوسف سوڌو ڪل چوڏهن ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. حملو ڪندڙ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيرآباد جي علائقي قصبا سوهدرا جو رهاڪو آهي. هو اباڻي ڪرت نلڪا بورنگ جو ڪم ڪندڙ آهي. هو حملي جو ڪارڻ پي ٽي آئي سربراهه تي آذان ۾ خلل وجهڻ ڄاڻائي ٿو. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان جو آئين ۽ قانون ان ڪڌي عمل جي اجازت ڏئي ٿو ته ڪنهن سياسي، سماجي يا مذهبي رنجش يا اختلاف جي سبب، ڪنهن به شخص کي، پنهنجي فضول نفرت جو هدف بڻائي ان تي حملو ڪجي ۽ سو به وري موتمار حملو. حقيقت هي آهي ته هن عمل جي نه آئين اجازت ڏئي ٿو نه قانون پر اسان وٽ سياستدان، ادارا ۽ حڪومتون جڏهن آئيني ڀڃڪڙي ڪندا رهن ته عام ماڻهو ته وري به عام ماڻهو ئي آهي. سياستدانن، حڪومتن ۽ ڪنهن حد تائين ادارن پاران عام ماڻهو جي آڏو چوويهه ڪلاڪ ست ڏينهن جيڪو ۽ جنهن قسم جو مواد اڇليو وڃي ٿو  اهو مواد ته اهوئي ڪم ڏيکاريندو جيڪو اسان کي وزيرآباد ۾، عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ نظر آيو. گهرو وزير راڻو ثناالله عمران خان تي ٿيل هن حملي کي مذهبي انتهاپرستي سان ڳنڍيو هو ۽ خانصاحب ردعمل طور ان تي هي بيان ڏنو هو ته ٽي ماڻهو مون کي مذهبي توهين جي الزام هيٺ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سليمان تاثير مرحوم وانگر منظر تان هٽائڻ چاهن ٿا. ساڳئي قسم جي ڳالهيون دفاع جي وزير خواجا آصف سان گڏ، اتحادي حڪومت ۾ شامل ٻين اڳواڻن پڻ ڪيون هيون.

جنهن ڏينهن عمران خان تي وزيرآباد ۾ حملو ٿيو هو ان ڏينهن سندس حقيقي آزادي لانگ مارچ کي پورا ست ڏينهن گذري چڪا هئا. پاڻ تي حملي ٿيڻ بعد لانگ مارچ کي شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي اڳواڻي ۾ ڏيڻ ۽ ان کي ڪنهن منطقي انجام تائين وٺي وڃڻ لاءِ لانگ مارچ جي سفر کي 19 نومبر کان بريڪ لڳائي ته وئي آهي پر ڇا ان جي حتمي نتيجن کي حاصل ڪيو ويندو؟ ۽ ڇا اهي نتيجا عمران خان جي منشا مطابق ايندا. جيئن هن جو مطالبو آهي ته، آرمي چيف جي مقرري اتحادي حڪومت نه ڪري، عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي، هڪ نگران حڪومتي ترتيبڪاري (سيٽ اپ) آندي وڃي ۽ حملي جي منصوبابندي ڪندڙ گهربل ٽن اهم شخصيتن يعني وزيرِ اعظم، گهرو وزير، ۽ هڪ اهم اداري جي هڪ اهم فرد خلاف ايف آءِ آر به ڪاٽي وڃي. حملي ۾ هاڻي هڪ ٻئي محافظ جو نالو به خانصاحب پاران ورتو پيو وڃي. حملي ٿيڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد حملي جي تحقيق جي لاءِ جڏهن وزيرِاعظم شهباز شريف پاران فل ڪورٽ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ته عمران خان پاران ان اعلان جي آجيان ته ڪئي وئي پر هن پاران حملي جا مک جوابدار طور ڄاڻايل اهم شخصيتن جي استعيفا وارو سندس شرط برقرار آهي. ان بعد سپريم ڪورٽ به ميدان تي لهي آئي آهي جنهن جي حڪم تي ڪيس داخل دفتر ٿي چڪو آهي جنهن ۾ حملي جي مک جوابدار نويد آرائين جو نالو شامل ڪيو ويو آهي جيڪو هن وقت پوليس جي قبضي ۾ ٻن هفتن جي رمانڊ تي آهي پر جن اهم شخصيتن جا نالا عمران خان ايف آئي آرز ۾ داخل ڪرائڻ چاهي پيو  انهن کي شامل ناهي ڪيو ويو جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته خانصاحب پنهنجي لکيل درخواست موجب ڪيس داخل ڪرائڻ چاهي ٿو. اسان هي نٿا چئون ته عمران خان جي سياست صرف پنهنجي ذات جي لاءِ آهي پر سندس حڪومت وڃڻ بعد هن جو شروع ٿيل لانگ مارچ گهڻو انتقامي نظر اچي ٿو. ورهاڱي کان اڳ ۽ بعد “ستن نسلن” کان فوج ۾، پنجاب ۽ پختونخوا جي ماڻهن جو انگ سرس هجڻ ڪري ۽ گذريل ويهه، ٻاويهه سالن کان اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي عام واهپي سبب هنن ٻنهي صوبن ۾ هڪ اهڙو نسل تيار ٿي چڪو آهي جنهن کي پي پي پي ۽ پي ايم ايل (ن) جي قيادت کان سخت چڙ آهي. هن نسل کي ملڪ ۾ جيڪا به خرابي نظر اچي ٿي هو ان کي هنن ٻنهي پارٽين جي ڪارستاني سمجهي ٿو. هي نسل عمران خان کي پسند ڪري ٿو ۽ جنهن تي عمران خان ناز به ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته اهي پاڪستان جو روشن مستقبل آهن. عمران خان هن وقت مخالفت ۽ حمايت، ٻنهي ميدانن تي کيڏي رهيو آهي. هڪ پاسي هن مخالف ڌر، نيوٽرل کي پنهنجي نشاني تي رکيو آهي ته ٻئي پاسي هو انهيءَ نسل جي ذهن سازي (برين واشنگ) به ڪري رهيو آهي. وزير آباد ۾ خانصاحب تي ٿيل قاتلاڻي حملي پويان کڻي ڪهڙيون به ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ هجن پر حملي ۽ لاهور گيريزن ۾ صدر عارف علوي سان گڏ اهم اداري جي اهم سربراهه سان ٿيل ملاقات کانپوءِ، عمران خان جي سخت بيانن ۾ ڪجهه قدر نرمي اچي چڪي آهي. توڙي جو هو هن ملاقات جي صحت کان انڪار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته ان ملاقات ۾ آءُ ڪونه هئس. پر محسوس ٿئي ٿو ته هن جي سخت بيانن ۾ پهرين جي ڀيٽ ۾ ڪافي نرمي آهي. حڪومت خلاف به گهڻو گٿو نٿو ڳالهائي، ۽ نه ئي ان اداري تي ڇوهه ڇنڊي ٿو جنهن کي پنهنجي حڪومت کي وڃائڻ ۽ پاڻ تي ٿيل حملي جو مک جوابدار سمجهي ٿو. تازوئي هن چيو آهي ته، “منهنجي حڪومت کي هٽائڻ ۾ اسٽيبلشنٽ جو ڪو ڪردار ناهي.” بس هڪ هلڪي شڪايت هي ڪئي اٿس ته، “اهي سندس  حڪومت کي ڪيرائڻ وارين ڪوششن کي روڪي سگهن پيا.” سو ملاقات بعد عمران خان جي بيانن ڏيڻ واري استقامت ۾ سوراخ ته بهرحال ٿي چڪو آهي ۽ ان سوراخ پنهنجو ڪم ڏيکارڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڏينهن کان لانگ مارچ شروع ٿيو هو ان ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين صدر عارف علوي پاران مخالف ڌرين ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ جون ڪوششون به جاري ساري آهن ۽ جيتوڻيڪ انهن جو ڪو کڙ تيل ته نه نڪتو آهي پر لانگ مارچ جي ستن ڏينهن بعد جيڪي بيان عمران خان پاران ايندا رهن ٿا انهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ڌرين جي وچ ۾ڪجهه ڳالهين تي اتفاق ضرور ٿي چڪو آهي جو هو چئي ٿو ته “سائفر سازش معاملو ختم ٿي چڪو. هاڻي آمريڪا تي الزام ناهيان هڻندو. حڪومت ملي ته ناتا بهتر بڻائيندس.” ڪيڏو نه وڏو يو ٽرن آهي ته خانصاحب پنهنجي حڪومت کي وڃائڻ جو مک سبب آمريڪا کي چوندو رهيو ۽ ان خلاف سخت کان سخت زبان استعمال ڪرڻ سان گڏ سخت بيان بازي به ڪندو رهيو پر هاڻي ٿو چئي ته، “منهنجي خيال ۾ سائفر جو بيانيو گذري چڪو، هن وقت اهو پٺتي هليو ويو آهي. آمريڪا سان آقا ۽ غلام جي تعلق ۾، آمريڪا کي نه پر پنهنجي حڪومت کي ڏوهاري سمجهان ٿو.” پر ٽئين ڏينهن تي ساڳي موقف تان ٿيڙ کائيندي چئي ٿو ته سازش ٿي آهي ۽ سائفر تان هٿ ناهي کنيو. سو جهڙي طرح جڳ مشهور ٻاراڻي نظم “سولومن گرونڊي” ۾ سولومن گرونڊي جي زندگي جي تت کي ستن ڏينهن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ڇا خانصاحب جي لانگ مارچ جي ڦيٿن جي هوا ستن ڏينهن بعد نڪري چڪي آهي؟ اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو. پر نظم سولومن گرونڊي ۾ ڇا لکيل آهي اچو ته پڙهون. سولومن گرونڊي: سومر ڏينهن ڄائو، اڱاري ڏينهن نالو رکينس، اربع ڏينهن شادي ٿيس، خميس ڏينهن ڪڻسجي پيو، جمعي ڏينهن حالت بگڙجي ويس، ڇنڇر ڏينهن وفات ڪيائين، آچر تي دفن ڪينس، بس اهوئي انجام هو سائين سولومن گرونڊي جو.

اتحادي حڪومت جي ستن مهينن بعد ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جي هڪ هفتي بعد، هاڻي جيتري قدر اهم مقرري وارو سوال ۽ تڪرار آهي ته 19 کان 25 نومبر تائين يعني ستن ڏينهن لاءِ لانگ مارچ کي به ماٺو ڪيو ويو آهي. پر ان جي باوجود سڄو ملڪ هن بخار ۾ وٺجي ويو آهي ته اداري جو ايندڙ سربراهه ڪير ٿيندو؟ فوج جي اداري جي نظم ضبط مان هي اندازو آرام سان لڳائي سگهجي ٿو ته، جيڪو آفيسر رٽائرمنٽ جي ويجهو هوندو آهي ان کي هڪ مهينو اڳ ۾ رٽائرمنٽ ليٽر ملي ويندو آهي ته توهان پنهنجا ڪاغذ پٽ تيار ڪرايو ته جيئن توهان جي پينشن ۽ ٻيا ضروري ڪم وقت سر اڪلائي سگهجن. جڏهن جنرل عاصم منير 27 نومبر تي رٽائر ٿيڻو آهي ته اصولن ان کي ليٽر ملي چڪو هوندو. جيڪڏهن ڪنهن شريف پاران ڪا ٻاراڻي فرمائش وغيره ڪئي وئي آهي ته ٻڌو آهي ته ان جي فرمائش کي مڃيو ناهي ويو. زرداري چئي ٿو ته منهنجو ماڻهو جنرل عامر به آرمي چيف نٿو ٿي سگهي، عمران خان جي جنرل فيض حميد کي چيف بڻائڻ واري تجويز کي به برادشت ناهي ڪيو ويو. هاڻي نالا رهجي وڃن ٿا ٽي جن ۾ جنرل ساحر شمشاد، جنرل اطهر عباس ۽ جنرل نعمان. سمري ۾ هنن جا نالا شامل ٿي سگهن ٿا باقي ڇا هلي رهيو آهي 26 نومبر تائين چٽو ٿي ويندو.