عمرڪوٽ(رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ درياءَ بچايو تحريڪ جي گڏيل اميدوار لال مالھي ننڍي چونڊ جا نتيجا روڪڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو آھي لکيل خط ۾ لال مالھي ڄاڻايو آھي ته اين اي 213 جي ننڍي چونڊ جا نتيجا ان وقت تائين روڪيا وڃن جيستائين اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ نه ٿي ٿئي اليڪشن ۾ حڪمران پارٽي پيپلز پارٽي جي حق ۾ ڊي آر او ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان ڌانڌلي ڪئي وئي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڻ اليڪشن جي عمل مان مطمئن ناهي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڻ چونڊ عمل تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي چيو هو ته چونڊن ۾ وڏي پئماني تي سياسي مداخلت ٿي رهي آهي پر نوٽيس نه ورتو ويو اليڪشن ڪميشن جي واضح هدايتن باوجود رينجرز کي تڪن ۾ نه لڳايو ويو ۽ اليڪشن پوليس اهلڪارن تي ڇڏي وئي جيڪي ڌانڌلي جا ماهر آهن، لال مالھي چيو آھي ته پولنگ عملي جي مقرري اليڪشن ڪميشن جي هدايتن جي ابتڙ ڪئي وئي پولنگ اسٽيشنن تي زبردستي ايجنٽن جي اغوا تشدد اليڪشن کي نقصان پهچايو آھي چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون نه هيون ان جي شفاف ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيون ٿا ۽ جاچ ٿيڻ تائين چونڊن جي نتيجن جو اعلان نه ڪيو وڃي . بيڪ