ڪنري: عمرڪوٽ جي عدالت پاران پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم ايم اين اي لال مالهي سميت 19 ڄڻن خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، اڳوڻي ايم اين اي ۽ ٻين پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو
پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هڻڻ تي لال مالهي، سندس ڀائرن ۽ ٻين خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو،جڏهن ته عدلت فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي
پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، زيادتيون بند ڪيون وڃن، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بيگناهه قيد ڪيو ويو آهي، ان معاملي تي سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي
هي به پڙهندا