لاش ۽ ڍڳي جي تلاش

0
95
لاش ۽ ڍڳي جي تلاش

پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ، ڪھاڻيڪار، شاعر، بلاگر عبدالرحمٰن پيرزادي جي لکڻين ۾ سڀ کان جهجهو تعداد بلاگن تي مشتمل آھي ۽ بلاگن تي مشتمل ھي ڪتاب ”ڍڳو ۽ لاش“ سندس اٺاويھون برقي ڪتاب آھي. جڏھن ته ڪھاڻي، شاعري تي مشتمل برقي ڪتاب الڳ آھن. ٽوئيٽر تي سرل الميڊا جا بلاگ مختصر ليڪن اھم نياپو ڏيندڙ ھجن ٿا. ليڪن عبدالرحمٰن جا بلاگ فيس بوڪ تي سِرجن ٿا جيڪي عمومي طور طويل به ھجن ٿا. بلاگ جي اھم خاصيت آھي ته اھو ڪھاڻي ۽ شاعري جيان خيالي حوالي نٿو ھجي، اھو فڪشن به ناھي جنھن ۾ ڪوڙ يا غشو نٿو ھڻي سگهجي، ان ڪري انھي جو ڪارج به اھم آھي. بلاگ ادبي صنف آھي يا نه ۽ اھا جيڪڏھن اھا ڪا صنف به آھي ته ان جو فيصلو ليکڪ يا ماھر ئي ڪندا. ليڪن سوشل ميڊيا يعني فيس بڪ، ٽوئيٽر، واٽس اپ،انسٽاگرام وغيرہ جنھن تيزي سان گهر گهر ڪاھي پيا آھن، ان جي سحر انگيزي ڏسندي انھي چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نٿو لڳي ته اھو ميڊيم انتھائي پراثر، عوام تائين جلد پھچندڙ ۽ ڪارائتو آھي. سنڌي ٻولي ۾ جنھن طريقي سان عبدالرحمٰن پيرزادي انھي ميڊيم کي پنھنجي ڳالھه پھچائڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي اھو ھر ماڻھو جي وس جي ڳالھه نه آھي. عبدالرحمٰن پيرزادو ڪنھن اداري سان منسلڪ ھجي ھا، اداري جون بندشون موجود ھجن ھا ته ھي سرجڻھار اک کان اوجهل ھجي ھا بلڪه پاڻ وٽ سندس شايد ايتريون نه تخليقون ھجن ھا نه ايترا خيال ئي سامھون اچن ھا. اھڙا خيال جيڪي نرالا به آھن ته سبق آموز به آھن، خوشي جو سبب به آھن ته راڄ ماڻھن کي ھن پنھنجي لکڻين ۾ چيڙائي پاڻ کي انتھائي متنازعه به بڻائي وڌو آھي.

زير بحث”ڍڳو ۽ لاش “ بلاگن تي مشتمل برقي ڪتاب ۾ سنڌي ادبي بورڊ ، ماضي ۾ ان تي ٿاڦيا ويندڙ منتظم، ون يونٽ، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سورھيه بادشاھ، شمس، العلما علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، مرزا قليچ بيگ، ابراھيم جويو، جاگيرداري، تعليمي نصاب، ميانوال تحريڪ، صحت مند ڳوٺ، ٻوڏ ۾ ڌنڌوڙين جو ڪردار، سارين جي مند ۾ جبلن تان ھيٺ لھي ايندڙ بروھين کي پاڻ”ماما “ڇو چوند آھيون جي وضاحت به آھي ته حسب سابق قومپرستي جهڙا بحث شامل آھن ته وقت جي وير جو وار نه سھي گم ٿيندڙ زرعي سماج جي اصطلاحن ”مڇي وجهڻ “ ۽“ آڪڙي ھڻڻ “ جي تشريح به آھي. ڪتاب جو ليکڪ ڪتاب ۾ شامل بلاگن ۾ ڄاڻايل موضوعن تي بلاگ شروع ڪري ٿو يا ڪنھن بلاگ جي بحث ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ بلاگ تي حتمي راءِ ڏيئي يا تشنگي، تجسس برقرار رکڻ لاءِ بحث کي اڌورو ڇڏي پنھنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ٿو جيڪو لکڻين ۾ بلڪل نئون ۽ انوکو تجربو آھي.

مُھِين واري ڍڳي جي مورتي واري بحث ٽن بلاگن جي والار ڪئي آھي. اھو ڍڳو، ڏاند جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو بڻيو. جنھن جي ڏورڻن، ھر، پاڃاري، ٻج، ڀاڻ، ڏاندن جي جوڙي کي ھاري کي ويمو ڪري ڏيڻ، زرعي سماج جو ڪتاب جو ليکڪ پاڻ وڪيل پئي رھيو آھي. ان ڍڳي جي اجائي بحث تي ليکڪ بيڪ ٽائيٽل ۾ رقم طراز آھي ته، ”اسان پاڻ ڪٿي آھيون، اھو ذڪر ڇڏي ٻين جو فڪر ڇو ڪريون، اصل مسئلو ٻُڏل سنڌ، ڊٿل گهر، جُهريل ڳوٺ، ٽُٽل رستا، ڀڳل پُليون، دربدر ماڻھو، بک بيماري، بدحالي، تباھ زراعت، بيروزگاري، نااھلي، سڀ ڇڏيو، ڏاند جي ڪڍ لڳو . اھو به ڌڱ ڏاند جي ٺڪر جي مورتي…“

”ڍڳي ۽ لاش “ واري بحث کي ليکڪ اجايو سڏيندي ، سنڌي ادبي بورڊ جي مدي خارج جوڙ جڪ تي سوال به اٿاري ٿو ۽ ادبي بورڊ ۾ لاش مسلط ٿيڻ ۽ ابراھيم جويو پاران ون يونٽ جي حمايت جو ذڪر به ڪري ٿو. انھي بلاگ ۾ ليکڪ، پنھنجي ماضي جي سياسي سنگتي منظور سولنگي سان ڪتاب ۾ شامل ڪجھه بلاگن ۾ سندس تند ۽ تيز گفتگو اٽڪيل به نظر اچي ٿو ته ساڻس تڪرار به شروع آھي. ليکڪ جي خيال مطابق سنڌي ادبي بورڊ تڏھن لاڀائتو ٿيندو جڏھن سنڌ جي سماجي بيھڪ کي نظر ۾ رکندي ان جي بورڊ آف گورنرس ۾ ۴۹ سيڪڙو مرد ، ۵۱ سيڪڙو عورتون، ۲۷ سيڪڙو نوجوان، ۲۰ سيڪڙو سٺ سال کان وڏي عمر جا تجربيڪار جهانديدہ ماڻھو ، جڏھن ته ۳۰سيڪڙو الھڙ نوجوان آبزرور طور رکيا ويندا جيئن اھي به تجربي ۾ گذري ڪجھه سکي ۽ بورڊ ۽ سماج لاءِ لاڀائتا ٿي سگهن. ڪتاب ۾ بلاگر ابراھيم جويو پاران ون يونٽ جي حمايت تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آھي ۽ ريفرنس طور ابراھيم جويو جو ٽه ماھي مھراڻ ۾ ڇپيل مضمون جو ڦوٽو به ڏنو آھي. ياد ھجي ته سنڌ جي ان وقت جي ڀوتارڪي سياست ايوب کھڙي جي قيادت ۽ علي محمد راشدي جي مشاورت ۾ ڪانءُ کي حلال ڪري کائڻ لاءِ جيڪي جواز فراھم ڪيا، ون يونٽ جي صائب ھجڻ لاءِ جيڪي عذر پيش ڪيا انھي جو ليکو چوکو علي محمد راشدي جي ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن “ ۾ موجود آھي.

ڪتاب ۾ سڀ کان ڊگھو بحث، ھارون آذر جي نالي ھڪ بلاگ رکڻ سان شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ ھو سوال ڪري ٿو ته ” جڏھن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي زمينن جي نيلامي جي خلاف ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن تي جدوجھد ڪندي ايوب شاھي جا بدترين جيل پئي ڀوڳيا ان وقت ڪميونسٽن جا ڪھڙا ليڊر ۽ ڪارڪن پھرين صف ۾ موجود ھئا.“ انھي سوال جو جواب ليکڪ طنز ڪندي ڏئي ٿو ته ”ساڻس گڏ ٻيو ڪير به ڪونه ھو اھو ڪم حيدربخش جتوئي اڪيلي پئي ڪيو، يار، ڪا حد ته مقرر ڪيو.. واڌو حد ادب.“ . ليڪن پوءِ انھي بحث ۾ سليمان سولنگيءَ طرفان حيدربخش جتوئي تي طبقاتي جدوجھد سان ويساهه گهاتي جو الزام به شامل ڪري ٿو، جيڪو جتوئي کي حر تحريڪ دوران بلوچن کي نوڪريون ڏئي سياسي ڪرپشن جو بنياد وجهندڙ به چوي ٿو، کيس ڪامورو ۽ مئجسٽريٽ بڻجي حرن خلاف انگريزن پاران استعمال ٿيندڙ به سڏي ٿو، پوءِ انھي بحث کي مورڳو ٻيو رخ ڏيئي خيرپور رياست ڏي وٺي وڃي ٿو. انھي بحث ۾ سليمان سولنگي، فتاح دائود پوٽي، شريف ٿھيم، اعجاز انڙ جهڙا سمجھدار سياسي ذھن به شامل آھن. ليڪن ھتي به ھرڪو فائر ڪرڻ ۾ آزاد آھي، جڏھن ته تاريخ تي بحث ۾ حوالا ھجڻ گهرجن جيڪي بلڪل نظر نٿا اچن. ھاري اڳواڻ، جيئي سنڌ نعري جي خالق حيدر بخش جتوئي جي سياست نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. ھو سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جو ھاري حق، سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ جو ڀرپور آواز ھو. ون يونٽ خلاف جدوجھد ۾ ملڪ گير ليول تي سڀ کان سگهارو سياسي آواز نيشنل عوامي پارٽي ھئي جنھن ۾ ڪميونسٽ پارٽي به شامل ھئي ته جي ايم سيد جي قيادت ۾ سنڌ متحدہ محاذ به ھو. ان وقت رسول بخش پليجو ۽ فاضل راھو جا سگھارا آواز به انھي ۾ شامل ھئا. انھي آواز ۾ زوردار ڪردار شيخ اياز ۽ لاتعداد اديبن جو به آھي. شيخ اياز نه صرف روح گرمائيندڙ قومي ۽ وطن دوست شاعري ڪئي بلڪه انھي تحريڪ ۾ عملي طور شريڪ ٿي جيلن ۾ رھيو ۽ ھڪ ڏينھن ون يونٽ ٽٽي ويو. انھي دوران جي ايم سيد، نيشنل عوامي پارٽي ۾ غيرسرگرم ٿي ويو. رسول بخش پليجو، نيشنل عوامي پارٽي ۾ نه رھي سگهيو ۽ خود نيشنل عوامي پارٽي، ڀاشاني ۽ ولي گروپ ۾ ورھائجي وئي ليڪن ڪميونسٽ پارٽي ولي خان جي سياست سان ايستائين جڙيل رھي جيستائين نيپ تي بندش کان پوءِ ٺھندڙ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي عوام دشمن صفن ۾ شامل ٿي، ۱۹۷۷ع ۾ فوج جي سياست جي آله ڪار نه بڻي.

ھڪڙو بلاگ مشھور ۽ باخبر صحافي شبير نظاماڻي پاران شروع ڪيل آھي، جنھن ۾ ھو درياءُ ۽ پاڻي جا سمورا لنگھه ۽ قدرتي وھڪرا، بحال ڪرڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. سندس چوڻ مطابق انھي جي نتيجي ۾ سڀ ڪجھه ڊاھڻو پوي ته ڊاھي ڇڏجي ورنه پاڻي پنھنجا پير ڪڍي ڇڏيندو. ان بلاگ تي اريگيشن ايڪٽ جي موجودگي ۾ ڪا به ڪاروائي نه ٿيڻ تي اعجاز انڙ جي صائب راءِ به آھي ته برجستي صحافي اسحاق مڱريو جي ڪم جي ڳالھه به آھي ته ” ڍورن جي زيرو پوائنٽ ڇوڙ واري جاءِ تي، جڏھن ته ڪينالن جي زيروپوائنٽ شروع واري دنگ کان ٿيندي آھي“ . ليکڪ بحث کي سھيڙيندي سنڌو درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي پنج نيڪال ڪڍڻ جي ڳالھه ڪري ٿو جن ۾ ٻه چوماسي ۽ ٻوڏ جا ڪينال، ٻه موجودھ سم نالا جڏھن ته سکر وٽان ھاڪڙي جو لنگھه کولڻ جي نشاندھي ٿيل آھي. (حصو پهريون)