لاس اينجلس ۾ باھه لڳڻ کانپوءِ ماڻھو ان باھه بابت سبب کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ آھن جنھن ۾ مخلتف رايا ٻڌڻ پڙھڻ جي لاءِ مليا وري ان وقت ۾ ھڪڙو اھڙو رايو ٻڌڻ ڏسڻ پڙھڻ وٽان مليو جنھن ۾ ٻڌايو ۽ چيو ٿو وڃي ۽ ھڪڙي وڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي آھي ته ھڪڙو پکي آھي جيڪو باھه ٻاري ٿو، مطلب ان پکي باھه لڳائي آھي جيڪا ڪوڙي ۽ غلط پروپئگنڊا يا وري وڊيو وائرل ڪرڻ پٺيان پنھنجي چينل فيس بوڪ آءِ ڊي سميت پاڻ کي وائرل يا مشھور ڪرڻ آھي، ھا اھو ضرور آھي جو ڪجھه پکي شڪار جي لاءِ باھه جو استعمال ضرور ڪندا آھن جن کي Firehawk سڏجي ٿو
مثال : Black kite, western Brown hawk, whistling kite
ھنن پکين جي رويي جو تجربو آسٽريليا ۾ قديم زماني کان ٿيندو پيو اچي ان وقت انھن پکين کي باھه کڻي ويندڙ سڏيندا ھئا
پکي ايئن ڇو ۽ ڪيئن ڪندا آھن ؟
پکين جو ايئن ڪرڻ جو ھڪڙو خاص سبب شڪار کي زمين مان ٻاھر ڪڍڻ ھوندو آھي، پکي ويجھو ڪٿي ٻرندڙ باھه يا ٽانڊا کڻي خشڪ ميدانن تي اڇلائيندا آھن جيئن باھه لڳي ننڍا جيت جانور ٻاھر نڪرن ۽ شڪار ڪري سگھن
ان کانسواءِ ھڪڙو پکي Phoenix آھي جيڪو ڏند ڪٿائن ۾ شامل آھي ان بابت اھڙيون دعوائون ڪيون وينديون آھن ته اھو مرڻ وقت آکيري ۾ ويھي ان آکيري کي باھه ڏئي پاڻ ان ۾ سڙي مري ويندو آھي… (فيس بوڪ تان ورتل)