لاس اينجلس (م ڊ) آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ اڱاري کان لڳل تاريخ جي بدترين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، وڌيڪ 16 ڄڻا سڙي فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا، لاس اينجلس ڪائونٽي ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ، تيز هوائن سبب باهه وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، ، ريڊ فليگ وارننگ به جاري ڪئي وئي، هالي ووڊ اسٽارز پنهنجا قيمتي گهر ڇڏي ويا، ڦرلٽ جي وارداتن سبب متاثر علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو آهي، 12 هزار کان وڌيڪ فائر فائٽرز، 60 جهاز ۽ 143 واٽر ٽينڪر ۽ 11 سئو فائر انجنز باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، ميڪسيڪو ۽ ڪئنيڊا به امريڪا کي مدد اماڻي ڇڏي.