واشنگٽن (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ لائيو رپورٽنگ دوران رپورٽر جي مٿان هڪ پڇي اڏامندو اچي ويهي رهيو. اهڙو واقعو آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ پيش آيو، جتي عورت رپورٽر جي مٿي تي هڪ پکي اچي ويهي رهيو. نيوز نيشن چينل سان واڳيل رپورٽر ڪيلي ميئر وائيٽ هائوس جي باغيچي ۾ موجود هئي ۽ ٽيليوزن تي لائيو اچڻ لاءِ تيار ٿي رهي هئي. نيوز رپورٽر جو ڪيمرا آن هو ۽ نيوزروم ۾ موجود پروڊيوسر سان ڳالهائي رهي هئي ته اوچتو هڪ پکي ڪيلي ميئر جي مٿي تي اچي ويٺو. پهرين ته پکيءَ جي ويهندي ئي رپورٽر کان رڙ نڪري وئي، جيئن ئي کيس پکيءَ بابت خبرپئي ته اهو ڳيرو پکي هو، جنهن تي هوءَ کلڻ لڳي. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.