ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ سينيئر آفيسرن کي نظرانداز ڪري مقرر ڪرايل ڊائريڪٽر جنرل کي هٽائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نجمي عالم پاران 4 سينيئر آفيسرن کي نظرانداز ڪري ڊي جي لائيو اسٽاڪ مقرر ڪرايل جونيئر آفيسر حزب الله ڀٽو کي هاڻوڪي وزير محمد علي ملڪاڻي جي سفارش تي چيف سيڪريٽري هٽائي ڇڏيو ، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ڊي جي لائيو اسٽاڪ حزب الله ڀٽو کي بدلي ڪري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سي وي ڊي ايل ٽنڊوڄام مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن  ته 20هين گريڊ جي سينيئر آفيسر رفيق ميمڻ کي ڊي جي لائيو اسٽاڪ  مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايڊيشنل سيڪريٽري واري عهدي تي ويٺل اختر شاهاڻي کي بدلي ڪري کيس ڊي جي ايڪسٽينشن  مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سي وي ڊي ايل غلام رسول کوسو کي بدلي ڪري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي جي به جلد بدلي جو امڪان آهي.