ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ دوائن جي خريداري ۽ ترقياتي منصوبن ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل اسڪروٽني شروع ٿي وئي، الزام هيٺ آيل آفيسرن جي ملڪيتن جا تفصيل گڏ ڪرڻ ۽ سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تفصيل موجب نيب پاران مختلف سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن معاملن جا ڪيس اسڪروٽني لاءِ سنڌ حڪومت ڏانهن اماڻيا ويا آهن. جنهن لاءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران سنڌ جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي چيئرمين جي سربراهي هيٺ اعليٰ سطحي اسڪروٽني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ قانون کاتن ۽ پي اينڊ ڊي کاتن جي سيڪريٽرين کي به ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسڪروٽني ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيب پاران اماڻيل لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڪرپشن معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. واضح رهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر ۽ هاڻوڪي ڊي جي حزب الله ڀٽو، اڳوڻي ڊي جي نظير ڪلهوڙو ۽ اڳوڻي سيڪريٽري حفيظ سيال مٿان جانورن جي دوائن جي خريداري، غيرقانوني ترقين ۽ غيرقانوني ڀرتين سميت ترقياتي منصوبن ۾ وڏي پئماني تي خرد برد ڪرڻ وارو معاملو ڪافي عرصي کان نيب اختيارين وٽ جاچ هيٺ هو، جنهن لاءِ نيب پاران اهو معاملو اسڪروٽني جي لاءِ سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي اسڪروٽني ڪميٽي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جنهن تي اسڪروٽني ڪميٽي پاران تازو ٿيل اجلاس ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته اسڪروٽني ڪميٽي پاران ڪرپشن الزام هيٺ آيل ڄاڻايل آفيسرن جي اثاثن جي جاچ ڪرڻ توڙي سندن نالا  اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي جي آفيس ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر جي ترقين جو رڪارڊ طلب

ڪراچي: اسڪروٽني ڪاميٽي پاران ڊي جي آفيس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر جي ترقين جو رڪارڊ طلب، ان حوالي سان پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي چيئرمين جي سربراهي ۾ قائم ٿيل اعليٰ سطحي اسڪروٽني ڪميٽي پاران لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل آفيس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ستار سومرو جي 18هين گريڊ تائين ٿيل ترقين کي شڪي قرار ڏيندي لائيو اسٽاڪ کاتي جي اختيارين کان سندس ڀرتي کان وٺي مختلف وقتن تي ٿيل ترقين جو رڪارڊ گھرائي ورتو آهي. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي ويٺل 18هين گريڊ جي آفيسر ستار سومرو هيٺين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيڻ بعد تڪڙي بنيادن تي مٿين گريڊن ۾ ترقيون ماڻي 18هين گريڊ تائين پهتو آهي. جنهن لاءِ اسڪروٽني ڪميٽي پاران کاتي جي اختيارين کان سندس رڪارڊ گھرايو ويو آهي.

 

ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ جي ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن ۾ به هلندڙ

ڪراچي: ڊي جي لائيو اسٽاڪ پاران مالي سال 2021ع کان 2024ع تائين ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ طور مقرري دوران مبينا طور ڪيل ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن ۾ به هلندڙ، اينٽي ڪرپشن اختيارين پاران کيس بار بار رڪارڊ لاءِ خط لکيا ويا آهن پر ان باوجود اينٽي ڪرپشن جي اختيارين کي دوائن جي خريداري سميت ٻين معاملن جو رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو آهي. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري ٽيم جو چوڻ آهي ته موجوده ڊي جي لائيو اسٽاڪ ۽ تڏهوڪي ڊائريڪٽر حزب الله ڀٽو مٿان دوائن جي خريداري ۽ ٻين معاملن ۾ ڪرپشن جا سنگين الزام آهن پر رڪارڊ جمع نه ٿو ڪرايو وڃي.