ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) لائيو اسٽاڪ کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري پاران مالي سال 2022_23ع ۽ مالي سال 2023_24ع ۾ جانورن جي ويڪسينن، آفيسن جي فرنيچر ۽ ڪمپيوٽرن توڙي ٻين مختلف ايٽمن جي خريداري ڏيکاري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل ظاهر، لائيو اسٽاڪ کاتي پاران معاملي جي ڪرايل انڪوائري مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ اختيارين حوالي،  انڪوائري رپورٽ ۾ مختلف ڪمپنين جي معرفت رڳو ڪاغذن ۾ خريداري ڪرڻ جو انڪشاف، خريد ڏيکاريل هزارين ايٽم اسٽاڪ ۾ موجود ئي ناهن! ”پنهنجي اخبار“ پاران انڪوائري رپورٽ هٿ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ مالي سال 2022_23ع ۽ مالي سال 2023_24ع ۾ ٻن سالن دوران ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري پاران ڪروڙين روپين جون جانورن لاءِ دوائون، ويڪسين، حفاظتي سامان ۽ آفيسن لاءِ فرنيچرن، ڪمپيوٽرن ۽ پرنٽنٽرز، فوٽو اسٽيٽ مشينن سميت ٻئي مشينري جي رڳو ڪاغذن ۾ خريداري ڏيکاري ڪروڙين روپيا هڙپ ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي. ان حوالي سان ڪجهه مهينا اڳ لائيو اسٽاڪ کاتي جي اعليٰ اختيارين پاران شروع ڪرايل انڪوائري مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ اختيارين جي حوالي ٿي وئي آهي. ان حوالي سان رپورٽ ۾ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته مالي سال 2023_24ع ۾ تور انٽرپرائيزز کان 60 هزار کان وڌيڪ ايئر ٽيگ اسٽاپرخريد ڏيکاريا ويا پر اهي اسٽاڪ ۾ موجود ناهن، ساڳئي ڪمپني کان 15 آٽوويڪسينيٽر، علي انٽرپرائيزز کان 100 ٽيراگن اسپتري ۽ 50 مگ سلف خريد ڏيکاري رقم هڙپ ڪئي وئي، اهڙي طرح سيروز فارما ڪمپني کان ڪوهه نور گراس سيڊ ڪنگ گراس سلپنگ جا 3 لک 27 هزار 129 پيس خريد ڏيکاري رقم هڙپ ڪئي وئي، 5 ليپ ٽاپ خريد ڏيکاري رڳو 3 خريد ڪيا ويا ۽ 10 پرنٽر خريد ڏيکاري هڪ به خريد نه ڪيو ويو، 7 ڊيسڪ ٽاپ خريد ڏيکاريا هڪ به خريد نه ڪيو ويو، 131 پوسٽ مارٽم ڪِٽون ۽ 19 ڪمپائونڊ مائيڪرواسڪوپ رڳو ڪاغذن ۾ خريد ڏيکاريا ويا، ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل خريد ڪيل ايٽم ڪٿي به استعمال ۽ اسٽاڪ ٿيل ناهن. جانورن لاءِ 89 فيبريڪيٽڊ شيڊ ٺاهڻ لاءِ رقم خرچ ڪئي وئي پر رڳو 56 شيڊ تيار ڪرايا ويا ۽ 31 شيڊ جون رقمون هڙپ ڪيون ويون. ايڊنيسن جا 2665 وائل خريد ڏيکاريا ويا پر رڳو 113 موجود آهن ۽ 1532 موجود ناهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپريڪيسن جا 3325 وائل خريد ڏيکاري رڳو 1125 خريد ڪيا ويا، اهڙي طرح آفيسن لاءِ هڪ هزار واٽ 4 اسٽيبلائيزر، 2 صوفه سيٽ، 20 سنگل ۽ ڊبل صوفه سيٽ، 3 هزار ميگا واٽ جا 5 اسٽيبلائيزر، 40 شيشي جون آفيس ٽيبلون، 43 ريوالونگ ڪرسيون، 119 ساديون ڪُرسيون، 20 وزيٽرس بينچون، 30 ٽيبلون، هڪ سولر پينل، 5 فرج خريد ڏيکاري مختلف ڪمپنين کي رقم به جاري ڪئي وئي پر اهي شيون خريد نه ڪيون ويون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مالي سال 2023_24ع ۾ 20 اسٽوريج باڪس، 20 ٽرانسپورٽيشن باڪس، 60 ڪولڊ چين ڪيريئر به خريد ڏيکاريا ويا آهن پر خريداري نه ڪئي وئي آهي يا ته خريد ڪرڻ بعد ساڳين ڪمپنين کي وڪرو ڪيا ويا آهن.

ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سي وي ڊي ايل خلاف به جاچ هلندڙ

ڪراچي: لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ اينيمل هسبنڊري ۾ ڊائريڪٽر طور مقرري دوران هاڻوڪي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سي وي ڊي ايل مٿان دوائن جي خريداري سميت ٻين معاملن تي اينٽي ڪرپشن ۾ به انڪوائري هلندڙ، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي اينيمل هسبنڊري ونگ ۾ حزب الله ڀٽو جي ڊائريڪٽر طور مقرري دوران دوائن جي خريداري ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڪرپشن واري معاملن خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ به جاچ هلندڙ آهي. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران کيس ڪيترائي ڀيرا خط لکي دوائن جي خريداري سميت ٻين الزامن جي وضاحت لاءِ کيس خط لکيا ويا آهن پر هن وقت تائين الزام هيٺ آيل اڳوڻو ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري ۽ هاڻو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سي وي ڊي ايل حزب الله ڀٽو اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري ٽيم وٽ پيش نه ٿيو آهي.

 

پولٽري ۽ فشريز شعبن ۾ به فزيڪل ويريفڪيشن ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي: لائيواسٽاڪ کاتي جي اختيارين پاران جانورن جي دوائن جي خريداري ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد پولٽري ۽ فشريز وارن شعبن ۾ ڪُڪڙين ۽ مڇين جي فيڊ توڙي ٻين شين جي خريداري واري معاملن جي فزيڪل ويريفڪيشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته لائيو اسٽاف اينڊ فشريز کاتي جي اختيارين پاران لائيو اسٽاڪ هسبنڊري ۾ جانورن جي دوائن ۽ مختلف ايٽمن جي خريداري ۾ غبن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ کاتي جي فشريز ۽ پولٽري وارن شعبن ۾ به مختلف خريداري جي جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.