ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ 14 وٽنري ڊاڪٽر، اسٽاڪ اسسٽنٽس ۽ اينيمل اٽينڊنٽ ڊيوٽين تان غائب، صوبائي وزير پاران قائم ڪيل ڇاپا مار ٽيمن پاران ٽنڊوالهيار ۽ ٺٽي ضلعي جي وٽنري اسپتالن ۽ آفيسن ۾ اوچتو ڇاپن سبب ٻنهي ضلعن مان 14 آفيسر ۽ عملدار ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ سبب معطل ڪري سندن خلاف جاچ شروع، صوبائي وزير پاران ڇاپا مار ٽيمن کي جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪري اسپتالن ۽ آفيسن جي روزانو جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ آفيسرن ۽ جانورن جي ڊاڪٽرن توڙي ٻئي عملي جي مسلسل غيرحاضري وارين شڪايتن کان پوءِ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي هدايتن تي قائم ٿيل ڇاپا مار ٽيمن پاران ڪالهه ٺٽي ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن جي اسپتالن ۽ آفيسن جو اوچتو دورو ڪيو ته 14 ڊاڪٽرن ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽ توڙي اينيمل اٽينڊنٽ ڊيوٽين تي موجود ئي نه هئا، جڏهن ته ڪجهه اسپتالن کي تالو به لڳل هو، جنهن جي نشاندهي کانپوءِ صوبائي وزير جي هدايتن تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي اختيارين پاران غيرحاضر رهندڙ سمورن آفيسرن ۽ عملدارن کي معطل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ سان گڏ سندن خلاف جاچ به شروع ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان لائيو اسٽاڪ کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته غلام مرتضي بالادي، جتيندر ڪمار، فريا سيال، پارس خاتون، راشد سولنگي، صحبت انصاري، محمد علي، منظور احمد ۽ اسد ميمڻ سميت 9 وٽنري آفيسرن، مردان جمالي، معشوق ۽ لطيف جمالي سميت 3 اسٽاڪ اسسٽنٽس، اينيمل اٽينڊنٽ حق نواز ملاح ۽ بيلدار محمد امين کي معطل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پاران کاتي جي سموري وِنگز جي ڊي جيز کي روزانو جي بنياد تي سرپرائيز وزٽ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.