شھدادڪوٽ (رپورٽر)شھدادڪوٽ جي ميونسپل لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ اختيار جمالي،شهزاد علي،ذاڪر مگسي ۽ ٻين چيو ته قهر جي گرمي ۾ لائبريري ۾ نه پاڻي جي سهولت آهي نه وري بجلي جي سهولت آهي، پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته لائبريري ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.