ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارَي ۾ پبلڪ لائبرريءَ جي شاگردن ۽ سياسي، سماجي ڪارڪنن پاران لائبرريءَ جي نئين عمارت کي فعال بڻائڻ ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو کان ريلي ڪڍي ٽي ايم اي آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي شمن لاکو ، الاهي بخش ابڙو ، صدام ملاح، وقار مڱريو، جواد سهتو ، سجاد سيال ، سيد رضوان شاھ، عبدالجبار مڱريو ، جواد تنيو ، وقار عباسي ۽ ٻين چيو ته پبلڪ لائبرري ڪنڊيارو گذريل ڪيترن ئي سالن کان مسئلن جو شڪار بڻيل آهي، جنهن جي خلاف اسان احتجاج ڪندا رهيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آھي شهرين لاءِ قائم پبلڪ لائبرريءَ ۾ ويهڻ جي گنجائش ۽ بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري سوين شاگرد لائبرريءَ کان ٻاھر ويهڻ تي مجبور آهن شاگردن جي احتجاج ۽ درخواستن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي لائبرريءَ لاءِ نئين عمارت منظور ڪئي وئي آھي پر گذريل چئن مهينن کان جڙي راس ٿيڻ باوجود ٽائون انتظاميه نئين عمارت کي فعال بڻائڻ ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي هنن ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کان گُهر ڪئي ته پبلڪ لائبرري جي نئين عمارت کي فعال بڻائي بجلي، پاڻي، فرنيچر، ڪتابن، انٽرنيٽ، ايئرڪنڊيشنڊ، واش رومز ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.