سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران لئنسڊائون پل، ستين جو آستان جي خراب حالت ۽ تاريخي ماڳن جي زمين تي ڪريش پلانٽس خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،  قومي ورثو قرار ڏنل لئنسڊائون پل، ستن جي آستان ۽ تاريخي ورثي روهڙي هلز سميت ٻين پهاڙن جي زمين  تي ڪريش پلانٽس سبب ٿيندڙ لتاڙ ۽ گدلاڻ سبب بيمارين خلاف درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. وڪيل سهيل لطيف ميمڻ موجب عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد لئنسڊائون پل ۽ ستين جي آستان جي خراب حالت هجڻ ۽ تاريخي ورثن جي زمينن تي ڪريش پلانٽس جي ڪري تاريخي ماڳن جي لتاڙ ۽ پلانٽس سبب علائقي ۾ ڦهلجندڙ بيمارين بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.