لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ جيلن ۾ عورتن سان بدسلوڪي جو چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ ۽ جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گهرو وزير رانا ثناءُالله جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عورت قيدين سان زيادتي جون خبرون اچي رهيون آهن، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي عورتن کي آزاد ڪرائي
يوٽيوب تي وڊيو خطاب ۾ عمران خان چيو ته جيلن ۾ عورتن سان بدسلوڪي واري ورتاءُ کي سازش چئي لڪايو پيو وڃي. هن چيو ته جيلن ۾ عورتن سان بدسلوڪي تي جيڪڏهن ڪو به شڪ هو ته گهرو وزير جي پريس ڪانفرنس بعد هاڻي ختم ٿي ويو آهي
عمران خان چيو ته گهرو وزير واضح طور ڊيڄاريندڙ ڪهاڻيون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪي ميڊيا ۾ منظر عام تي اچڻ واريون آهن، هن چيو ته ڪڏهن به رياست جي طرفان عورتن سان اهڙو خراب سلوڪ ۽ هراسان نه ڪيو ويو جيترو هن فاشسٽ حڪومت احتجاج جو حق استعمال ڪرڻ تي ڪيو آهي
Never have women been humiliated for using their constitutional right to protest peacefully in any democracy let alone in a one that is muslim.
This is a planned campaign to depoliticise women in the country.The clampdown and terror campaign against women is being done so that… pic.twitter.com/JdEbKPlY9B
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) May 28, 2023
هن چيو ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن کان پڇو ته انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي، پهريان دهشتگرد قرار ڏنو وڃي ٿو اهو شخص پي ٽي آءِ ڇڏڻ جي پريس ڪانفرنس ڪري ٿو سڀ ڪجهه معاف ڪيو ٿو وڃي، پارٽي ڇڏيندڙ چون ٿا ته 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا فوج سان گڏ آهيون اهو ته اسان به چئون پيا ته 9مئي جي مذمت ڪريون ٿا فوج سان گڏ آهيون
عمران خان چيو ته حڪومت اسان جي 23 هزار ڪارڪنن جي فهرست ٺاهي آهي جنهن ۾ 10 هزار جيلن ۾ آهن اڪثر بي ڏوهي آهن انهن کي ڇڏيو وڃي سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪريان ٿو ته ان تي ڪارروائي ڪري، هي ملڪ جي سياست کي ختم ڪري ڇڏيندا هي رڳو پي ٽي آءِ خلاف نه پر جمهوريت کي تباهه ڪيو پيو وڃي
عمران خان چيو ته ايئن لڳي رهيو آهي ته ملڪ جي سپريم ڪورٽ آهستي آهستي طاقتور سامهون پنهنجي طاقت وڃائي رهي آهي ، اسان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، سڄو ملڪ عدليه طرف ڏسي رهيو آهي تاريخ اوهان جو ڪردار ياد رکندي، عدليه پاڻمرادو نوٽيس وٺي پرامن احتجاج ۾ گرفتار عورت ڪارڪنن جي آزادي جو حڪم ڏئي
رينجرز مون کي گرفتار ڪيو ته ماڻهن ڪاوڙ ۾ اچي احتجاج ڪيو انهن کي جي ايچ ڪيو تي احتجاج نه ڪن ها ته ٻيو ڪٿي ڪن ها، انهن پرامن احتجاج ڪيو، جن فوجي عمارتن تي حملا ڪيا انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيو پر بيقصور عورتن کي آزاد ڪرايو وڃي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پوي ته وڳوڙ ڪنهن ڪيا ۽ باهيون ڪنهن ڏنيون اهو ڪنهن ڪيو، جيڪي طاقتور ۽ پوليس آفيسر حڪم نٿا مڃن انهن تي توهين عدالت لڳائي وڃي
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته حڪومت ٻن ٽن هفتن دوران جيترا ماڻهو ٽوڙي سگهي ٿي ٽوڙي ۽ پوءِ ملڪ ۾ اليڪشن جو اعلان ڪري، حڪومت جڏهن سمجهي ته پي ٽي آءِ هاڻ اليڪشن وڙهڻ جي قابل ناهي ته اليڪشن جو اعلان ڪري قوم جو فيصلو سڀني سامهون اچي ويندو، هي پيغام سياست لاءِ نه پر ملڪ خاطر ڏئي رهيو آهيان ملڪ خاطر حڪومت ايندڙ 4 هفتن ۾ چونڊن جو اعلان ڪري
عمران خان صحافي عمران رياض ۽ سميع ابراهيم کي فوري طور عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته دهشتگردي جا هي حربا رڳو ميڊيا کي دٻائڻ جي ڪوشش آهن، قوم مطالبو ڪري رهي آهي صحافي سميع ابراهيم ۽ عمران رياض بابت ٻڌايو وڃي ته ٻئي ڪٿي آهن؟
هي به پڙهندا
خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، هُن جي سڃاڻپ پريڊ هلي رهي آهي: محسن نقوي