حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حيدرآباد جي جيلن ۾ قيد باندين پاران جوڙيل تصويرن جي نمائش لڳائي وئي آهي. اها نمائش بسنت هال ۾ لڳل آهي جيڪا اڄ تائين جاري رهندي. جن جيلن جي قيدين جون ٺاهيل تصويرون ۽ فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويا آهن انهن ۾ سينٽرل جيل، نارا جيل، وومين ۽ ٻارن واري جيل جا قيدي شامل آهن. تصويرن سان قيدين پاران ٺاهيل ٽوپين ۽ ٻئي سامان کي به نمائش لاءِ رکيو ويو آهي. تصويرن ۾ ڪيلي گرافي، فائن آرٽس ۽ قيدين جو ڪيل پينسل ۽ رنگن جو ڪم شامل آهي. تصويرن کي ڏسي اهو اندازو ئي نٿو ٿئي ته ڪو اهي اونچين ديوارن جي پٺيان قيد باندين پاران ٺاهيون ويون آهن. ڪجهه تصويرن ۾ آزادي کي وڏي نعمت طور نمايان ڪيو ويو آهي. اهڙي تصوير نمائش لاءِ رکيل آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن نه هڪ پڃري ۾ قيد پکي پڃري جو دروازو کولڻ کانپوءِ اڏام ڀري ٿو. هڪ تصوير ۾ جيل جو لوهي دروازو ڏيکاريل آهي جنهن مان هڪ قيدي ٻاهران ڪا شيءَ وٺندي نظر اچي ٿو. حساس دل ماڻهو اهي تصويرون ڏسي ذري گهٽ لڙڪ هارڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو. حيدرآباد ڊويزن جي جيلن جي ڊي آءِ جي سيد منور شاهه ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد جي سپرنٽيندنٽ نائب علي ٻانڀڻ نمائش جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هنن چيو ته جيل هاڻي اصلاح ۽ سکيا گهر بڻجي ويا آهن. قيدين کي آرٽ سان گڏ ڪمپيوٽر جي سکيا به ڏني پئي وڃي ته جيئن هو جيل مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ سماج لاءِ ڪارآمد ماڻهو بڻجي سگهن.