اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 24 ۽ 26 نومبر جي احتجاج وارن ڪيسن ۾ 82 جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 4-4 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت طرفان هر جوابدار تي 15 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. عدالت 1049 غير حاضر جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون. پراسيڪيوشن جي درخواست تي شاندانه گلزار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. 24 ڪيسن جي ٻڌڻي جج امجد علي شاهه ڪئي. 567 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت 1609 جوابدارن کي فردِ جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو هو. ٻڌڻي دوران 82 جوابدارن اعتراف ڪيو ته مقامي ۽ قومي قيادت جي ڀڙڪائڻ تي پرتشدد مظاهرا ڪيا، فردِ جرم ۾ لڳايل سڀ الزام قبول ڪريون ٿا. پاڻ کي عدالت جي رحم و ڪرم تي ڇڏيندي سزائن ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪريون ٿا. مستقبل ۾ اهڙو ڏوهه نه ڪنداسين. پراسيڪيوٽر ظهير شاهه چيو ته جوابدار ڄاڻي واڻي ٽرائل ۾ رنڊڪون وجهي رهيا آهن. عدالت غير حاضر جوابدارن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ، اڪائونٽ منجمد ڪرڻ ۽ گرفتاري جا حڪم به جاري ڪيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اينٽي رائٽ فورس مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.